Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

ڏٺو ته دنيا جي مال و دولت کي پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه دل ۾  بُرو سمجھيو، جڏهن ان کي بُرو سمجھيو ته بُري شيء تي حَسَد ڪهڙو؟ ۽ جيڪڏهن ڪو اهڙو ڏٺو جيڪو دِيني شَرف ۽ افضليت ۾ وڌيڪ آهي ان جا هٿ ۽ پير چُمڻ کي پاڻ لاءِ فخر سمجھيو، پوءِ جنهن تي فخر ڪيو ۽ ان کي بابرڪت سمجھيو ته ان تي حسد ڪهڙو؟ ۽ جنهن کي دِين جي حمايت ڪندي ڏٺو ته تحرير ۽ تقرير جي ذريعي ان جون فضيلتون بيان ڪيون ۽ ماڻهن کي ان ڏانهن مائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي۔ ان جي لاءِ عمده لقب ڏئي ڪتاب شايع ڪيا، جنهن تي منهنجو ڪتاب اَلمُعتَمَدُ المُستَنَدُ“ وغيره شاهد آهي۔ دراصل حَسَد نالو چاهڻ کان پيدا ٿئي ٿو ۽ منهنجي ربِ ڪريم جي لاءِ حمد آهي جو مون ڪڏهن نالو ٿيڻ جي لاءِ خواهش نه ڪئي بلڪ هميشه ان کان بچندو آهيان ۽ تنهائي ۾ رهڻ جو شوقين رهيس۔[1]

اعلیٰ حضرت ! آپ کی ہستی تھی انعامِ خدا                         سَیَّدی احمد رضا

آپ  سے   واضح   ہوا   عشقِ   نبی    کا   مدعا                                  سَیَّدی احمد رضا

تم   وفا   کی  ابتدا    تھے ،  تم   وفا   کی   انتہا                                                                                                                    سَیَّدی احمد رضا[2]

 صَلُّوا عَلَی الْحَبِیب!    صَلَّی اللهُ علٰی مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو ! اعليٰ حضرت، امام اهلسُنَّت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي اعليٰ اخلاق مان هڪ وصف سندن اهو به هو ته جيڪڏهن ڪو سندن لاءِ بُرا ڪلمات استعمال ڪندو هو ته پاڻ صبر ۽ برداشت ۽ عفودر گذر ڪندا هئا ۽ پنهنجي ذات جي لاءِ ڪاوڙ ڪرڻ ۽ ان کان انتقام وٺڻ جي بدران رضاءِ الٰهي جي لاءِ انهن کي معاف (Forgive) ڪندا هئا۔ جيئن ته  

ڪنهن جي مدح ۽ ذمّ جي پرواهه ناهي


 

 



[1]... فتاویٰ رضویہ، ج۲۹، ص۵۹۸

[2]... مناقبِ رضا، ص۱۶۰