Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

الدين بهاري رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون اڪثر علماءِ ڪرام ۽ مشائخ عظام جي جيستائين زيارت ڪئي ۽ دنيادار معززن کي ڏٺو، انهن سڀني ۾ اول نمبر جنهن کي ڏٺو، اها ذاتِ گرامي صفات، اعليٰ حضرت امام اهلسنت جي آهي ۽ ان جو سبب صرف اهو هو جو سندن سمورا ڪم الله پاڪ جي لاءِ هئا۔ نه ڪنهن جي ساراھ کان مطلب، نه ڪنهن جي ملامت جو خوف هو.

امامِ اهلسنّت، پروانه شمعِ رِسالت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ڄڻ ته هن حديثِ پاڪ: مَنْ أَحَبَّ لِلَّهِ، وَأَبْغَضَ لِلَّهِ، وَأَعْطَى لِلَّهِ، وَمَنَعَ لِلَّهِ فَقَدِ اسْتَكْمَلَ الْإِيمَانَ[1]يعني جنهن الله جي لاءِ محبت ڪئي، الله جي لاءِ مخالفت ڪئي، الله جي لاءِ ڪنهن کي ڏنو ۽ الله جي لاءِ منع ڪيو ته ان پنهنجو ايمان ڪامل ڪري ورتو. جي مصداق هئا۔ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو معاملو اهڙو ئي هو جو ڪنهن سان محبت ڪندا هئا ته الله ئي جي لاءِ، مخالفت ڪندا هئا ته الله ئي جي لاءِ، ڪنهن کي ڪجھ ڏيندا هئا ته الله ئي جي لاءِ، ۽ ڪنهن کي منع ڪندا هئا ته الله ئي جي لاءِ۔

اعليٰ حضرت جي طبيت جو تقاضو

سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه پنهنجي باري ۾ ارشاد فرمائن ٿا: اَلْحَمدُلله جو مون مال ”مِنْ حَيثُ ھُوَ مَال(يعني هن طور تي ته اهو مال آهي) تنهنڪري ان سان ڪڏهن محبت نه رکي، صرف راھ خدا ۾ خرچ ڪرڻ جي لاءِ ان سان محبت آهي۔ اهڙي طرح اولاد ”مِنْ حَيثُ ھُوَ اَولَاد“ (يعني هن طور تي جو اهو اولاد آهي) تنهنڪري ان سان به محبت ناهي، صرف هن سبب سان جو صله رحمي نيڪ عمل آهي ۽ اولاد ان جو سبب آهي۔ پوءِ فرمايائون: اها منهنجي اختيار جي ڳالھ ناهي، منهنجي طبيعت جي تقاضا آهي۔[2]

پيارا اسلامي ڀائرو ! اعليٰ حضرت جي ڇا ڳالهه ڪجي ! مال سان محبت مال جو سبب ناهي بلڪ الله جي راھ ۾ خرچ ڪرڻ جي ڪري آهي ۽ اولاد سان


 

 



[1]... سنن ابو داؤد،حدیث:۴۶۸۱،دارالکتب العلمیۃ ، بیروت

[2]... ملفوظاتِ اعلیٰ حضرت، ص۴۹۷،مکتبۃ المدینہ کراچی،بتغیر قلیل