Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

اوڍي پلنگ تي تشريف فرما ٿيا ته منهنجي زبان مان بي اختيار اهو جملو نڪتو ”واقعي تمام عمده ڪمبل آهي، جوانن لائق آهي۔“ اهو ٻڌندي ئي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه اهو ڪمبل مون کي عطا ڪيو ته توهان ان کي  ويڙهجو، حالانڪه مون ان  مقصد سان اهو جملو نه چيو هو، پر اعليٰ حضرت زور ڀري مون کي عنايت فرمايو ۽ ارشاد فرمايو ته منهنجي خوشي انهيء ۾ آهي۔[1]

تم ہو سراپا شمعِ ہدایت ،محیِ سنت اعلیٰ حضرت

تم ہو ضیائے دین و ملت محیِ سنت اعلیٰ حضرت

کردی زندہ سنتِ مردہ ، دینِ نبی فرمایا تازہ

مولیٰ مجددِ دین و ملت محی ِسنت اعلیٰ حضرت[2]

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیب!    صَلَّی اللهُ علٰی مُحَمَّد

شاگردن تي شفقت

پيارا اسلامي ڀائرو ! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه نه صرف عام ماڻهن تي شفقت ڪندا هئا بلڪ سندن جامعه جي شاگردن ۽ سندن خدمت ۾ حاضر رهڻ وارن خادمن جي به وڏي اهتمام سان دل جوئي فرمائيندا هئا، پاڻ پنهنجي”دارُالعلوم مَنْظَرُ الاِسْلام“ جي شاگردن تي شفيق  ۽ ڪريم هئا۔ خوشين جي موقعن تي، عيد جي ڏينهن ۾، انهن جي لاءِ نوان نوان ڪپڙا سبرائيندا هئا ۽ قسم قسم جا کاڌا پچارائي کارائيندا هئا۔ عرب شاگردن جي لاءِ عربي کاڌو، روسي شاگردن جي لاءِ روسي کاڌو، بنگالي شاگردن جي لاءِ بنگالي کاڌو، سنڌي شاگردن جي لاءِ سنڌي کاڌو، پنجابي شاگردن جي لاءِ پنجابي کاڌو۔ مطلب ته جن شاگردن کي جيڪو کاڌو وڻندو هو انهن کي اهو پچارائي کارائيندا هئا ۽ کارائي خُوش ٿيندا


 

 



[1]... فیضان اعلی حضرت ص176 بحوالہ حیات اعلی حضرت ،ص 129

[2]... مناقبِ رضا، منقبت ،مفتی اعظم ہند ص۲۳، شبیر برادرز لاہور