Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

محبت پنهنجو رت هجڻ جي ڪري ناهي بلڪه صله رحمي جهڙي نيڪ عمل جي ڪري آهي۔ هن ولي ڪامل تي الله پاڪ جو ڪرم ڏسو ته فرمائي رهيا آهن ته اهو سڀ منهنجي اختيار ۾ ناهي بلڪه منهنجي طبيعت جي تقاضا جي ڪري آهي۔ يعني احڪامِ شريعه تي عمل پيرا هجڻ جي ڪري هاڻي سندن طبيعت اهڙي ٿي چڪي آهي جو اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو هر فعل الله پاڪ جي رضا جي لاءِ آهي.

اي عاشقانِ رسول ! اها رب سان حُسنِ اخلاق جي واضح تصوير آهي ته جنهن شيء جو رب حڪم ڏنو ان کي نه ڇڏجي جنهن کان منع ڪيو ان جي ويجھو نه وڃجي۔ اها آهي ڪامل ايمان جي نشاني جو محبت رب جي لاءِ ۽ نفرت به انهيء ڪريم رب جي ڪري۔

جہاں میں کون ہے وہ صاحبِ علم              جو اپنے علم سے جانِ جہاں ہے

خدا کی حمد ہے جس کا وظیفہ                          نبی کے ذکر سے رَطْبُ اللِّسَا ں ہے

ہے اس کا نام یوں احمد رضا خاں                کہ احمد کی رضا کا ترجماں ہے[1]

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیب!    صَلَّی اللهُ علٰی مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو ! سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي ذات ۾ هڪ اهڙي خوبي ٻي به آهي جنهن جو پاڻ اظهار فرمايائون:

مون ڪڏهن ڪنهن سان حَسَد ناهي ڪيو

اعليٰ حضرت، امامِ اهلِسنّت، مجدِّدِ دين وملت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه عاجِزي ڪندي فرمائن ٿا: فقير ۾ لکين عيب آهن پر منهنجي رب مون کي حَسَد کان بلڪل پاڪ رکيو آهي، جنهن کي دنيا جي مال ۾ پاڻ کان وڌيڪ


 

 



[1]... مناقبِ رضا ،ص۱۴۹