Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

سيپاري 4، سُوره نِساء جي آيت نمبر 1 ۾ ارشاد آهي:

وَ اتَّقُوا اللّٰہَ الَّذِیۡ تَسَآءَلُوۡنَ بِہٖ وَ الۡاَرۡحَامَ ؕ  ۴،النساء:۱)

ترجموڪنزالايمان: ۽ الله کان ڊڄو جنهن جي نالي سوال ڪندا آهيو ۽ رشتن جو لحاظ رکو.

تفسير صراط الجنان ۾ هن آيت جي حوالي سان بيان ڪيو ويو آهي: الله جي پياري رسول، رسول مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايو: جنهن قوم ۾ رشتيداري ٽوڙڻ وارو هوندو آهي ان تي رحمت ناهي لهندي۔[1]

ڪهڙي گناه جي سزا دنيا ۾ جلدي ڏني ويندي آهي؟

هڪ ٻي روايت ۾ پياري آقا مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو؛ بغاوت ۽ قَطع رَحمي کان وڌيڪ ڪو گناھ اهڙو ناهي جنهن گناھ جي سزا دنيا ۾ به جلد ئي ڏني وڃي ۽ ان جي لاءِ آخرت ۾ به عذاب رهي۔[2]

قطعِ رحمي (يعني رشتيدارن سان ناتو ٽوڙڻ) جي باري ۾ فرمانِ مصطفٰي

رسولن جا سردار، مڪي مديني جا تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمائن ٿا: رشتيدارن سان ناتو ٽوڙڻ وارو جنت ۾ داخل نه ٿيندو۔[3]

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیب!    صَلَّی اللهُ علٰی مُحَمَّد

اي عاشقانِ رسول ! قطعِ تعلقي دشمني پيدا ڪري دُوري کي ويتر وڌائيندي آهي، محبت کي ختم ڪري الله پاڪ جي رحمت کان پري ڪندي آهي ۽ رحمت نازل ٿيڻ ۽ جنت ۾ داخلي جي راھ ۾ رڪاوٽ بڻجندي آهي۔

اسان غور ڪريون ته جڏهن اسان پنهنجي رِشتيدارن جي دعوت وغيره ڪيون ٿا


 

 



[1]... شعب الایمان، السادس والخمسون من شعب الایمان، ۶ / ۲۲۳، الحدیث: ۷۹۶۲

[2]... ترمذی، کتاب صفۃ القیامۃ، ۵۷-باب، ۴ / ۲۲۹، الحدیث: ۲۵۱۹

[3]... مسلم،کتاب البر والصلة والٓاداب ،باب صلة الرحم وتحریم قطعیتھا،ص ۱۳۸۳، حدیث:۲۵۵۶