Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

پرهيزگاري جي راھ تي ثابت قدم رهڻ جي قوت ڏيڻ آهي۔[1] پر ياد رکو ! دعوت ڪرڻ ۾ تڪلف کان بچڻ به ضروري آهي ڇوته تڪلف قطعِ تعلق جو سبب بڻجي ويندو آهي، جيئن ته

ڪهڙي دعوت قطع تعلق جو سبب آهي ؟

حضرت فُضَيل بن عَياضرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اڄ ماڻهو جيڪي هڪ ٻئي سان ناتو ٽوڙي ويٺا آهن اهو تڪلف جي ڪري آهي، جيڪڏهن انهن جي وچ ۾ تڪلف نه رهي ته هو سولائي سان هڪ ٻئي سان ملڻ لڳن۔[2] اهو ئي سبب آهي جو حضرت سلمان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: حضورِ اڪرم، تاجدارِ حرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان کي حڪم ڏنو آهي ته اسان تڪلف نه ڪريون ۽ جيڪو ڪجھ گھر ۾ موجود هجي ان کي پيش ڪرڻ کان نه ڪيٻايون۔[3]

پيارا اسلامي ڀائرو ! حضرت فُضَيل رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو قول بلڪل سچ آهي ڇوته اڄ اسان پنهنجي معاشري ۾ ڏسون ته کوڙ ماڻهو قطعِ رحمي (يعني رشتيدارن سان ناتو ٽوڙڻ) جهڙي گناھ ۾ صرف ان ڪري ڦاٿل نظر ايندا ته انهن جي لاءِ دعوت ۾ پُرتڪلف اهتمام نه ڪيو ويو، انهن کي کين پسند جو کاڌو نه کارايو ويو، جنهن جي ڪري انهن کي پنهنجي گھر ۾ ٿيڻ واري ڪنهن به دعوت جو حصو نه بڻايو ويو ۽ ڳالھ ايستائين وڌي وئي جو هاڻي هڪٻئي سان ڳالھ ٻولھ ڪرڻ به پسند نٿا ڪن۔

رشتيداري ٽوڙڻ

ياد رکو ! بلا وجھ شرعي پنهنجي رت جي رشتيدارن سان تعلق ختم ڪرڻ گناھ ڪبيره، حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃن وارو ڪم آهي۔


 

 



[1]... کیمیائے سعادت،مترجم،ص 219، مطبوعہ لاہور

[2]... کیمیائے سعادت،مترجم،ص 216، مطبوعہ لاہور

[3]... کیمیائے سعادت،مترجم،ص 216، مطبوعہ لاہور