Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

ٿيؤ ۽ جيڪڏهن توهان سخت مزاج ۽ سخت دل هجو ها ته ضرور توهان وٽان ٽڙي پکڙجي وڃن ها.

تفسير صراطُ الجِنَان ۾ آهي: هن آيت ۾ رسولِ اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سهڻي اخلاق جو بيان آهي، ارشاد ٿيو ته ”اي حبيب !  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ، الله پاڪ جي اوهان تي ڪيتري وڏي رحمت آهي جو ان اوهان کي نرم دل، شفيق ۽ رحيم و ڪريم بڻايو ۽ اوهان جي مزاج ۾ ايتري قدر لُطف ۽ ڪرم ۽ شفقت ۽ رحمت پيدا فرمائي جو غزوه اُحد جهڙي موقعي تي به پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ غضب جو اظهار نه فرمايو حالانڪ ان ڏينهن پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڪيتري قدر اَذِيت ۽ تڪليف پهتي هئي ۽ جيڪڏهن پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سخت مزاج هجن ها ۽ ورتاءُ ۾ سختي ڏيکارين ها ته اهي ماڻهو پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان پري ٿي وڃن ها۔ [1]

پيارا اسلامي ڀائرو ! غريبن سان مَحَبَّت ڪرڻ، نبين سڳورن جي سُنّت آهي۔ غريبن جي والي سرڪارِ عالي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائن ٿا: اي عائشه ! غريبن سان محبت ڪندي رهجان ۽ انهن کي پنهنجي قريب ڪر، الله پاڪ قيامت جي ڏينهن توکي پنهنجي رحمت جي ويجھو رکندو۔ [2]

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیب!    صَلَّی اللهُ علٰی مُحَمَّد

ڪهڙي دعوت قطع تعلقي جو سبب آهي؟

   پيارا اسلامي ڀائرو ! حضرت امام غزالي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا نيڪ ۽ پرهيزگار ماڻهن کي دعوت ڏيڻ سنت آهي، انهن کي کاڌو کارائڻ انهن کي تقويٰ ۽


 

 



[1]... تفسیر صراط الجنان، ج۲،ص۷۸

[2]... سنن ترمذی،کتاب الزہد،ح۲۳۵۲،ص۵۶۲،دارالکتب العلمیہ، بیروت