Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

تون پنهنجي بُري اخلاق کي سهڻي اخلاق سان بدلي ڇڏين۔“[1]

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیب!    صَلَّی اللهُ علٰی مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو ! اعليٰ حضرت،امام ِاهلسنت مولاناشاه امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي ذاتِ مبارڪه کي عبادت ورياضت، تقويٰ وپرهيزگاري، عشقِ رسول ۽ علوم وفنون ۾ ڪمال حاصل هو، حُسنِ اَخلاق جي معاملي ۾ مسلمانن جي دِل جُوئي، نرمي، عفوو درگذر وغيره صِفات به سندن ذات ۾ ڪامل طور تي موجود هئي۔ پاڻ پنهنجي شاگردن ۽ مريدن ۽ چاهيندڙن جي دل جوئي ڪندا هئا، جيئن ته

هڪ روپيو انعام

اعليٰ حضرت،امام اهلسنت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي سعادت مند شاگرد مَلِڪ العُلَمَاء حضرت مولانا محمد ظفر الدِّين بهاري رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون سڀ کان پهرين فتويٰ 1322ھ ۾ لکي ۽ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ اصلاح جي لاءِ پيش ڪئي حُسنِ اتفاق سان بلڪل صحيح نڪتي۔ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ان فتويٰ کي کڻي مون وٽ پاڻ تشريف کڻي آيا ۽ هڪ روپيو پنهنجي مبارڪ هٿ سان عنايت ڪندي ارشاد فرمايائون؛ مولانا ! سڀ کان پهرين فتويٰ جڏهن مون لکي هئي ته منهنجي والدِ ماجد مون کي مٺائي کائڻ جي لاءِ هڪ روپيو عنايت ڪيو هو۔ اڄ اوهان جيڪا فتويٰ لکي آهي اها پهرين فتويٰ آهي ۽ مَاشَآءَالله بلڪل صحيح آهي۔ ان ڪري پنهنجي والد صاحب جي پيروي ڪندي هڪ روپيو اوهان کي مٺائي کائڻ جي لاءِ ڏيان ٿو، خوشي سبب منهنجي زبان بند ٿي وئي ۽ مان ڪجھ چئي نه سگھيس، ان ڪري جو فتويٰ پيش ڪرڻ مهل مون خيال پئي ڪيو ته الله ڄاڻي ته جواب صحيح لکيو آهي يا غلط، پر خدا جي فضل سان اهو صحيح ۽ بلڪل صحيح نڪتو ۽ پوءِ ان تي انعام ۽ اهو به هنن بهترين لفظن


 

 



[1]... حکایتیں اور نصیحتیں195