Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

ياد رکو ! ڪنهن جي غلطي تي بدلو وٺڻ جي قُدرت جي باوُجُود ان کي مُعاف ڪرڻ پاڻ کي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عزت وارو بنائڻ آهي، حضرت موسيٰ ڪليم الله عَلَيه السَّلام عرض ڪيو: اي ربّ اعليٰ ! تو وٽ ڪهڙو ٻانهو وڌيڪ عزّت وارو آهي؟ فرمايو: اهو جيڪو بدلو وٺڻ جي قدرت جي باوُجود مُعاف ڪري ڇڏي۔[1]

اي عاشقانِ رسول! قدرت هئڻ جي باوجود معاف ڪرڻ مان ڇا مُراد آهي، ان کي هن طرح سمجھو، مثلاً جيڪڏهن ڪنهن مون کي ڪا تڪليف پهچائي آهي، ظلم ڪيو آهي ۽ مان ان کان بدلو وٺڻ جي همت ۽ طاقت به رکان ٿو، پر پوءِ به الله پاڪ جي رِضا ۽ ثواب حاصل ڪرڻ جي لاءِ ان کان بدلو نٿو وٺان بلڪه معاف ڪيان ٿو، اهو قدرت هجڻ جي باوجود معاف ڪرڻ آهي۔

جيڪڏهن حقيقي معني ۾ اسان جو به اهو ذهن بڻجي وڃي ته اسان جو مُعاشَرو اَمَن ۽ سُڪون جو گهوارو بڻجي ويندو ۽ گھريلو جا لڙائي جھيڙا ۽ تمام فتنا هميشه جي لاءِ ختم ٿي ويندا۔

  ٻين کي معاف ڪرڻ جي عادت بنائڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجي غُصّي کي قابو ڪرڻو پوندو ڇوته غُصّو انساني فطرت ۾ شامل هڪ غير اِختياري صِفَت آهي ڇوته اڪثر هن سان جھيڙو جھٽو، ٻن ڀائرن ۾ جُدائي، زال مڙس ۾ طَلَاق، پاڻ ۾ نَفرت ۽ قَتل ۽ غارَت تائين نوبت پهچي ويندي آهي، اهڙي موقعي تي اسان کي پنهنجي بزرگن جي سيرت تي عمل ڪندي پنهنجي ذات جي لاءِ غصّو ڪرڻ جي بدران عفوو در گذر کان ڪم وٺڻ گھرجي.

سڀ کان وڏي ڪرامت

اي عاشقانِ اعليٰ حضرت ! حُسنِ اخلاق جو مظاهرو ڪرڻ تمام سٺي عادت ۽ اهڙو فضيلت وارو عمل آهي جو بروزِ قيامت اعمالنامي ۾ ان کان وڌيڪ


 

 



[1]... شُعَبُ الْاِیمان ج۶ص۳۱۹حدیث۸۳۲۷ دارالکتب العلمیۃ بیروت