Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

هو، سندن اخلاق به ايتري قدر بلند هئا۔ غريب ٻارن سان محبت جو انداز ڏسو جو ان کي سڃاڻندا به نه هئا ته هو ڪير آهي، پر پوءِ به دعوت قبول ڪئي، ويهڻ جي لاءِ پُراڻي فراسي ڏني وئي، ناپسنديدگي جو اظهار ناهي بلڪ اُنهيءَ تي ويهي رهيا، گھر ۾ جيڪو کاڌو پيش ڪيو ويو اهو طبيعت جي موافق ناهي پر دِل جُوئي (يعني ان غريب جي دِل خوش ڪرڻ) جي لاءِ کائي ورتائون۔ اعليٰ حضرت ۽ ان جا اعليٰ اخلاق۔ اهڙا هئا جو سندن حُسنِ اخلاق مان نبين جي سرور، حُسنِ اخلاق جي پيڪر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اخلاقِ ڪريمه جي جھلڪ نظر ايندي آهي، منهنجي ڪريم ومهربان آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا مبارڪ اخلاق اهڙا هئا جو ٻار ۽ پوڙهو به پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪيٻائيندو نه هو ۽ اها ئي عادت سرڪارِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي هئي جو هڪ غريب ٻار بنا هٻڪ جي پنهنجي دعوت پيش ڪري رهيو آهي ۽ پوڙهيءَ کي به يقين آهي ته هي دعوت قبول ڪندا تڏهن ته پنهنجي ننڍڙي ٻار کي سندن  پيغام ڏئي موڪليو ته دعوت تي اچجو۔

تاجدار ِاہلِ سنت حضرتِ احمدرضا                 ہیں امامِ اہلِ سنت حضرتِ احمدرضا

اسوۂ حَسَنہ کا ہے اک خوبصورت آئینہ             پیکرِ عشق و محبت حضرتِ احمدرضا

ہر عمل خود مَنْ یُطِعِ اللّٰہَ کی تفسیر ہے                                         مُتَّبِع دین و سنت حضرتِ احمدرضا[1]

نرم اخلاق جون برڪتون

پيارا اسلامي ڀائرو ! الله پاڪ قرآنِ ڪريم جي سورة آلِ عمران جي آيت نمبر159 ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

فَبِمَا رَحۡمَۃٍ مِّنَ اللّٰہِ لِنۡتَ لَہُمۡۚ       وَ لَوۡ کُنۡتَ فَظًّا غَلِیۡظَ الۡقَلۡبِ لَانۡفَضُّوۡا مِنۡ حَوۡلِکَ ۪

ترجموڪزالايمان: پوءِ ڪهڙي نه الله جي مهرباني آهي جو اي محبوب توهان انهن جي لاءِ نرم


 

 



[1]... مناقبِ رضا، ص۹۴،شبیر برادرز لاہور