Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیب!    صَلَّی اللهُ علٰی مُحَمَّد

 

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّيَّةُ الْحَسَنَةُ تُدْخِلُ صَاحِبَهَا الْجَنَّةَ سٺي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخِل ڪرائيندي آهي۔([1])    

  اي عاشقانِ رسول ! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي۔ اچو ! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪريون ٿا، مثال طور نيت ڪريو ! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ بيان ٻڌندس * بااَدَب ويهندس * خوب تَوَجُّھ سان بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔

لبوں پہ آج پھر آیا بیاں احمد رضا خاں کا                                     کرے گی تذکرہ میری زباں احمد رضا خاں کا

مجھے بھی اپنے دامن  میں بسائیں گے میرے حضرت  کرم مجھ پر بھی ہوگا بےگُماں احمد رضا خاں کا

پيارا اسلامي ڀائرو ! اسان جي اڄ جي بيان جو موضوع آهي ”اعليٰ حضرت جا اعليٰ اخلاقجنهن ۾ اسان ٻڌنداسين ته اسان جي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه هڪ غريب ۽ يتيم ٻار جي ڪيئن دل جُوئي فرمائي، اها ڪهڙي دعوت آهي جيڪا تعلقات ختم ڪرڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿي؟ اخلاق جا ٻه قسم، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو حسد کان پاڪ سِينو، ۽ ان کان علاوه ڪيئي اهم مفيد ڳالهيون ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين۔ اِنْ شَآءَ الله 

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیب!    صَلَّی اللهُ علٰی مُحَمَّد

هڪ غريب،يتيم ٻار جي دلجوئي


 

 



[1]...مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث:6895۔