Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

هڪ ڀيري گارين سان ڀريل هڪ خط (Letter) آيو، پڙھڻ واري ڪجھ لائنون پڙهي خط الڳ رکندي عرض ڪيو: حضور ! ڪنهن بد مذهب پنهنجي دشمني جو ثبوت ڏنو آهي۔ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو هڪ نئون مُريد اهو خط کڻي پڙهن لڳو۔ اتفاق جي ڳالھ هي ته موڪلڻ واري جو نالو ۽ پتو لکيل هو، اهو ماڻهو ان جي علائقي جو هو۔ نئي مريد کي گھڻو رنج ٿيو۔ ان وقت ته خاموش رهيو پر جڏهن اعليٰ حضرت مغرب جي نماز کان بعد گھر ڏانهن وڃڻ لڳا ته سندن کي روڪي عرض ڪيائين: ان وقت جيڪو خط مون پڙهيو هو ڪنهن سنگدل (سخت دل) گاريون لکي موڪليون هيون، منهنجو خيال آهي ته ان تي مُقدَّمو ڪيو وڃي۔ اهڙي ماڻهوءَ کي سزا ڏياري وڃي ته جيئن ٻين جي لاءِ عبرت جو نمونو بڻجي وڃي نه ته ٻين کي به اهڙي جرئت ٿيندي۔

حلم وحيا جي پيڪر، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه پنهنجي نئي مُريد جي اها ڳالھ ٻڌي ته هي چئي اندر هليا ويا: تشريف رکو ! مان اچان ٿو۔ پوءِ ڏھ پندرهن (10/15) خط (Letters) هٿ مبارڪ ۾ کڻي ٻاهر آيا ۽ فرمايائون: ڪجھ هنن کي پڙهو ! هي ڏسي ويٺل ماڻهو حيران ٿيا ته خبر ناهي اهي ڪهڙي قسم جا خط آهن؟ خيال گذريو ته شايد اهڙي قسم جي گارين وارا خط هوندا۔ جنهن کي پڙهائڻ جو مقصد هي هوندو ته ان قسم جا خط اڄ ڪا نئي ڳالھ ناهي، بلڪ زماني کان اچي رهيا آهن۔ پر هو صاحب خط پڙھندو پئي ويو ۽ ان جو چهرو خوشي سان چمڪندو پئي ويو۔ جڏهن سڀ خط پڙھي چڪو ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمايو: اڳ ۾ ان تعريف ڪرڻ وارن بلڪه گھڻي تعريف ڪرڻ وارن کي اِنعام و اِڪرام، جاگير و عطيات سان مالا مال ڪريو، پوءِ گاريون ڏيڻ واري کي سزا ڏيارڻ جو فڪر ڪيو۔ باادب ۽ جذباتي مُريد عرض ڪيو: سائين ! دل ته اها چاهي ٿي ته انهن سڀني کي ايترو انعام ۽ اڪرام ڏنو وڃي جو نه صرف انهن کي بلڪه سندن نسلن کي به ڪافي هجي۔ پر هي منهنجي وسعت کان ٻاهر آهي۔ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ارشاد فرمايو: جڏهن اوهان مخلص کي نفعو نٿا پهچائي