Book Name:Darbar Khwaja Mein Badshahon Ki Hazriyan

ڏيان ٿو ته توهان الله پاڪ وٽ زندھ آهيو. (پوءِ فرمايائون: اي انسانو!) انهن جي زيارت ڪندا ڪريو ۽ انهن کي سلام ڪندا ڪريو! ان ذات جو قَسم جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي! قيامت تائين جيڪو به انهن کي سلام ڪندو هي ان جي سلام جو جواب ڏيندا. معجم اوسط، جلد:3، صفحہ: 7، حدیث:3700۔

توهان بخشيلن مان آهيو...!!

   حضرت بابا فريد گنج شڪر رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن جي مزار شريف پاڪپتن ۾ آهي، پاڻ به تمام وڏا ڪامل ولي آهن، فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مان اَجمير شريف حاضر ٿيس ۽ حضرت خواجه مُعينُ الدين چشتي اجميري يعني خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي مبارڪ روضي تي رڪيل رهيس، اها عرفه جي رات هئي، مون مزار شريف جي ويجهو (قبلي ڏانهن منهن ڪري) نماز ادا ڪئي، پوءِ اتي ئي ويهي ڪري تلاوت ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويس. اتي ويٺي ويٺي مان 15 سيپارا تلاوت ڪري چُڪو هيس، سورتِ ڪَهف يا سورتِ مَريم جي تلاوت ڪري رهيو هيس ته مون کان پڙهڻ ۾ غلطي ٿي ۽ هڪ اکر رهجي ويو. بهرحال مون کي ان غلطي جو احساس نه ٿيو هو، مان اڳتي پڙهڻ لڳس ته مزار شريف مان آواز آيو: هي اکر ڇڏي ويا آهيو، ٻيهر پڙهو! مون ان مقام کان ٻيهر پڙهيو، هاڻي آواز آيو: بهترين پڙهو ٿا، خَلفُ الرشيد (يعني چڱا پٽَ) ائين ئي ڪندا آهن. بابا فريد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: ان کان پوءِ مان تلاوت ڪندو رهيس، جڏهن مان تلاوت مڪمل ڪري چُڪس ته مون روئي روئي ڪري دعائون گهريون، مون کي هي ڊپ هو ته هاءِ! خبر ناهي مان بخشيلن مان آهيان يا ناهيان، ان خوف سبب مان روئي رهيو هيس ته اوچتو مزار شريف مان آواز آيو: مولانا! جيڪو شخص هي نماز پڙهندو آهي، اهو بخشيلن مان آهي. ہند کے مرشِدِ اعظم، صفحہ:133۔