Book Name:Darbar Khwaja Mein Badshahon Ki Hazriyan

تنهنڪري اهي به شفا ڏئي سگهن ٿا ۽ گهڻو ڪجھ ڏئي سگهن ٿا.

محیِ دِیں غوث ہیں اور خواجہ مُعینُ الدیں ہیں

اے  حسنؔ!   کیوں    نہ     ہو     مَحفوظ     عقیدہ      تیرا

 ذوقِ نعت، صفحہ:29۔

  شعرن جو مفهوم: غوث اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه مُحيُ الدِّين يعني دين کي زندهه ڪرڻ وارا آهن ۽ خواجه حُضور رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه مُعِينُ الدّين يعني دين جا مددگار آهن پوءِ اي حسن....! انهن مبارڪ هستين جي هوندي توهان جو عقيدو ڇو محفوظ نه رهندو...!!

 بهرحال! پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي اولياءِ ڪرام جي متعلق هميشه خوش عقيدو ئي رکڻ گهرجي، انهن جي بي ادبي کان بچڻ، انهن جي مزارُن ۽ تبرڪن جي بي ادبي کان بچڻ نهايت ضروري آهي، نه ته سخت نقصانن جو سامنو ٿي سگهجي ٿو.

مزارِ پاڪ جي بي ادبي جي سزا

   حضرت علامه مولانا غلام جيلاني ميرٺي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه بيان فرمائن ٿا ته هڪ ڀيري بَدمذهب حضرت سلطانُ المشائخ محبوبِ الٰهي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي مزار شريف جي بي ادبي ڪندي چيو ته اتي ڇا رکيو آهي مٽيءَ جو ڍيرُ آهي. الله پاڪ جي قدرت جو رات جي وقت ان کي جسم جي ڪنهن حصي ۾ اهڙو سخت سورُ پيو جو سڄي رات نه پاڻ سمهي سگهيو نه ئي پاڙي وارن کي سمهڻ ڏنائين. هر قِسم جي دوا ڪرڻ جي باوجود به ان کي ڪجھ فرق نه پيو.

   علامه غلام جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: صبح ان جو ڪو رشتيدار ان سان ملڻ آيو. مون ان شخص کي ٻڌايو ته ڪنهن مرض ۾ نه بلڪه پنهنجي گستاخانه جُملي