Book Name:Darbar Khwaja Mein Badshahon Ki Hazriyan

مزارات تي حاضري جا مدني گُلَ

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام جي طرف آڻيندي آخر ۾ مزارن تي حاضري جا ڪجھ مدني گُل پيش ڪريان ٿو. شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ مزار شريف تي حاضر ٿيڻ جو طريقو بيان ڪندي ارشاد فرمائن ٿا:

 * جيڪڏهن ممڪن ٿئي ته پيرن جي طرف کان اچي * صاحبِ مزار جي چهري مبارڪ جي طرف منهن ۽ ڪعبي جي طرف پُٺي ڪري بيهي * مزار شريف کان گهٽ ۾ گهٽ 4 هٿ يعني ٻه گز پري رهي * جيڪڏهن ڪو تمام ويجهو هليو ويو يا گهڻو پري رهيو تڏهن به ڪو گناھ ناهي * تلاوت ۽ ٻيون عبادتون ڪرڻ وارن کي پريشاني نه ٿئي ان ڪري مناسب آواز ۾ هن طرح سلام عرض ڪيو: اَلسّلَامُ عَلَیْکَ یَاسَیِّدِیْ   يعني اي منهنجا آقا! اوهان تي سلام هجي * هاڻي هڪ ڀيرو سورتِ فاتحه، 11 ڀيرا سورةُ الاخلاص شريف اوّل ۽ آخر ٽي ٽي ڀيرا درودِ پاڪ پڙهي ڪري ايصالِ ثواب ڪيو. ايصالِ ثواب جي لاءِ هيءُ ئي پڙهڻ لازمي ناهي بلڪه ڪجھ به پڙهي سگهو ٿا مثال طور هڪ ڀيرو درود شريف پڙهي ڪري به ايصالِ ثواب ٿي سگهي ٿو بلڪه نمازون، روزا، حج، عمره، نيڪي جي دعوت، رستي تان ڪو پٿر وغيره هٽايو ته جيئن مسلمانن کي تڪليف نه ٿئي، سنّتن ڀري اجتماع ۽ مدني مذاڪري ۾ شرڪت مطلب ته ڪنهن به نيڪ ڪم جو ايصالِ ثواب ڪري سگهجي ٿو تنهنڪري هن طرح جي نيڪ ڪمن جو ثواب صاحبِ مزار جي بارگاھ ۾ پيش ڪري ڇڏيو پوءِ واپس موٽندي پوئين پير موٽو ته جيئن مزار شريف کي پُٺي نه ٿئي. مزارات پر حاضری کا طریقہ ، صفحہ:1، 2 بتغیر قلیل۔

   مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحات جو رسالو