Book Name:Darbar Khwaja Mein Badshahon Ki Hazriyan

عام ڪندا ۽ رات جو جڏهن ماڻهو سمهي رهيا هجن ته نماز پڙهندا آهن.

(ابن حبا ن ،کتا ب البر والاحسان ،باب افشا ء السلام واطعام الطعام ،صفحہ:252، حدیث:509)

عِبادت میں، ریاضت میں، تلاوت میں   لگا دے دل

رجب  کا  واسِطہ   دیتا ہوں،  فرما   دے   کرم   مولیٰ

 وسائلِ بخشش، صفحہ:98۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

مزارن تي وڃڻ سعادت آهي

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي به گهرجي ته ولين جي مزارن تي حاضري ڏيندا ڪريون، ولين جي مزارن تي حاضري ڏيڻ سعادت مندي آهي، اعلٰي حضرت، امام اهلسنت مولانا شاهه امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا؛ مسلمانن جي قبرن جي زيارت سنت ۽ اولياء ۽ شهيدن رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهم جي مزارن تي حاضري ڏيڻ سعادت ۽ انهن کي ايصالِ ثواب ڪرڻ سٺو ۽ ثواب جو ڪم آهي.([1])  پاڻ اسان جا آقا و مولا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هر سال شهداءِ اُحد جي مزارن تي تشريف وٺي ويندا هئا، تفسیر طبری، پارہ:13، سورۂ اَلْرَّعْد، زیر آیت:24، جلد:7، صفحہ:377، حدیث:20344 ۔ اهڙيءَ طرح اسان جي آقا. مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو بقيعِ پاڪ ۾ وڃڻ جو ته عام معمول هو. (مسلم، کتاب الجنائز، باب ما یقال عند دخول القبور...الخ، صفحہ:348، حدیث:974۔)

 هاڻي پاڻ غور فرمايو! شهداءِ اُحد ڪير آهن؟ صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم آهن، ان دور ۾ بقيعِ پاڪ ۾ ڪير آرام فرما هئا؟ صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم ئي هئا ۽ هر صحابي صرف وليُ الله ئي نه بلڪه اُمَّت جي وڏي کان وڏي وليُ الله جا سردار


 

 



[1]...فتاوی رضویہ، جلد:9، صفحہ:532 بتغیر ۔