Book Name:Darbar Khwaja Mein Badshahon Ki Hazriyan

ہادیِ گمرہاں!                                               غریب  نواز ، غریب  نواز                      مُصْلحِ عاصیاں!                                             غریب  نواز ، غریب  نواز

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

خواجه جي درٻار ۾ بادشاھن جون حاضريون

   * سِيَرُ الاَقطاب ۾ آهي: هڪ ڏينهن خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه شيخ اَوۡحد ڪِرماني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ۽ شيخ شهابُ الدين سُهروردي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سان گڏ ويٺا هئا ته هڪ ڇوڪرو تير ڪماڻ کڻي اتان کان گذريو، ان کي ڏسندي ئي خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو: هي ڇوڪرو دهلي جو بادشاھ ضرور ٿيندو، آخرڪار اهو ئي ٿيو، ٿوري ئي عرصي ۾ اهو ڇوڪرو دهلي جو بادشاھ بڻيو ۽ سلطان شَمسُ الدين اَلۡتَمِشۡ جي نالي سان مشهور ٿيو. سیر الاقطاب، صفحہ:134۔

تمہارے منہ سے جو نکلی وہ بات ہو کے رہی                                  کہا جو دِن کو کہ شب ہے تو رات ہو کے رہی

   سلطان شمسُ الدّين خواجه صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سان تمام گهڻي عقيدت رکندا هئا، انهن خواجه صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضري به ڏني ۽ پاڻ کان باقاعده مَعرفت جي تعليم حاصل ڪئي. معین الارواح، صفحہ:315۔

جھولیاں بھرتے ہو منگتوں کی،  مجھے بھی ہو عطا                                 حصۂ جود وسخا، خواجہ پیا! خواجہ پیا!

نَے میں سائِل راج کا، نَے تخت کا، نَے تاج کا            میں فقط منگتا ترا، خواجہ پیا! خواجہ پیا!

وسائل بخشش، صفحہ:537۔

 *  خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي وصال فرمائڻ کان بعد جو واقعو آهي، سلطان محمود خلجي کي هڪ خط مليو، ان ۾ لکيل هو: اَجمير خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خواب گاھ آهي، هند ۾ اسلام هتان کان پکڙجو پر اڄ هتي ڪُفر جي حڪومت آهي ۽ هتي شعائرِ اسلام(مثال طور قرآن پاڪ، مسجدن، صحابه ۽