Book Name:Darbar Khwaja Mein Badshahon Ki Hazriyan

رات جي نماز جا فضائل

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن واقعي مان معلوم ٿيو مزارات تي وڃڻ اتي وڃي ڪري الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ تلاوت ڪرڻ وغيره نيڪ ماڻهن جو طريقو آهي. ان ڪري اسان کي گهرجي ته وقفي وقفي سان مزارن تي حاضري جي عادت بڻايون، اِنْ شَآءَاللہُ الْکَرِیْم! ان جون برڪتون نصيب ٿينديون. وڌيڪ هن واقعي مان رات جي عبادت جي فضيلت به معلوم ٿي ته بابا فريد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن رات جو نماز ادا ڪئي، تلاوتِ قرآن ۾ مصروف رهيا، ان تي خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن مزار شريف مان آواز ڏئي ڪري فرمايو: جيڪو ٻانهو هيءَ نماز پڙهندو  آهي، اهو بخشيلن مان آهي.

 سُبۡحٰنَ الله!  ياد رهي! رات جي نماز جي هيءَ فضيلت خواجه غريب نواز
 
رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي طرفان بيان ناهي فرمائي بلڪه مبارڪ حديثن ۾ هن طرح جون خوشخبريون ٻڌايون ويون آهن. * فرمانِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: رات جي قيام کي پنهنجي پاڻ مٿان لازم ڪيو ڇوته هي توهان کان پهريان صالحين (نيڪ ماڻهن) جو طريقو ۽ توهان جي ربَّ جي قربت جو ذريعو آهي ۽ گناھن کي مٽائڻ ۽ گناھن کان بچائڻ جو سبب آهي. ترمذی، کتاب الدعوات، باب فی دعاء لنبی صَلَّی اللہ ُعَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم،صفحہ:811، حدیث:3549 ۔ * حديثِ پاڪ ۾ آهي: اي انسانو! سلام عام ڪيو ۽ کاڌو کارايو ۽ رشتيدارن سان نيڪ سلوڪ ڪيو ۽ رات ۾ نماز پڙهو جڏهن ماڻهو سمهندا هجن، سلامتي سان جنّت ۾ داخل ٿيندؤ. ابن حبا ن ،کتا ب البر والاحسان ،باب افشا ء السلام واطعام الطعام ،صفحہ:252، حدیث:508۔ *  هڪ ٻي حديثِ پاڪ ۾ آهي: بيشڪ جنّت ۾ ڪجھ اهڙا محلات آهن جن ۾ آرپار نظر ايندو آهي، الله پاڪ اهي محلات انهن ماڻهن جي لاءِ تيار ڪري رکيا آهن جيڪي محتاجن کي کاڌو کارائيندا آهن، سلام کي