Book Name:Darbar Khwaja Mein Badshahon Ki Hazriyan

جي سبب سزا ۾ گرفتار آهي، هن بي ادب کي چئه ته پنهنجي جملي کان توبھ ڪري هيءَ ان جي دوا آهي. بهرحال ان کي توبھ جو چيو ويو پر نه مڃيائين، آخرڪار سندس ماءُ جي اسرار تي ان بي ادب پنهنجي گستاخانه جملي کان توبھ ڪئي ته ان کي تڪليف کان راحت ملي. بشیر القاری، صفحہ:11، 12 خلاصۃً۔

محفوظ سَدا رکھنا شہا! بے ادبوں سے             اور مجھ سے بھی سرزد نہ کبھی بے ادبی ہو

وسائلِ بخشش، صفحہ:315۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

بيان جو خلاصو

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو ذڪرِ خير ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي. پاڻ الله پاڪ ۽ ان جي حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان سچي محبت رکڻ وارا عظيمُ الشان وليُ الله هئا. الله پاڪ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي اهڙو شان عطا فرمايو هو جو وڏا وڏا بادشاھ ۽ پنهنجي زماني جا نالي وارا ماڻهو سندن بارگاھ ۾ باادب حاضري پيش ڪندا هئا، وڏن وڏن سندن نالي جا قصيده لکيا. الله پاڪ سندن اهڙو شان عطا فرمايو هو جو ان جي عطا سان سندن حاجت مندن جون حاجتون پوريون ٿينديون هيون. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو هي فيضان صرف سندن زندگي سان خاص نه هو بلڪه سوالين تي ڪرم جي بارش هاڻي به جاري آهي.

تیرا دِیار ہے دَارُ السَّلام یا خواجہ                                                                                       تجلیاں ہیں نئی صبح و شام یا خواجہ

نہ فکر  مئے نہ غمِ جام تیرے منگتوں کو                                                 تیری نگاہ سے چلتا ہے کام یا خواجہ

تیرا گدا ہیں گنہگار متقی دونوں                                   برے بھلے پہ تیرا فیض عام ہے یاخواجہ

معین الارواح، صفحہ:337۔