Book Name:Darbar Khwaja Mein Badshahon Ki Hazriyan

آهن ۽ پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن حضرات جي مزارن تي تشريف آڻي رهيا آهن، 

   پر اهو ياد رهي! اسان جو اولياءڪرام رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهم جي مزارن تي حاضر ٿيڻ ۽ نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جو مزارن تي تشريف کڻي وڃڻ ۾ فرق آهي. اسان مزارن تي ويندا آهيون بزرگن کان فيض حاصل ڪرڻ لاءِ پر اسان جا پيارا نبي، مڪي مدني، محمد عربيءَ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  مزارن تي ويندا هئا، فيض ڏيڻ جي لاءِ.

ملائڪن جي هڪ سنّت

   اهڙيءَ طرح ولين جي مَزارن تي وڃڻ ملائڪن جي به سنّت آهي. جي ها! حديثِ پاڪ ۾ آهي: مسلمانن جا چوٿان خليفا حضرت عليُّ المُرتضٰي، شيرِ خُدا رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: پاڻ ڪريمن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  فرمايو: اي علي! قرآن سک! ٻين کي سيکار! توکي هر اَکرَ تي 10 نيڪيون ملنديون ۽ جڏهن تون وفات ڪندي ته توکي شهادت جو رُتبو نصيب ٿيندو ۽ اِنْ مِتَّ حَجَّتِ الْمَلَائِکَۃُ اِلیٰ قَبْرِکَ کَمَا یَحُجُّ النَّاسُ اِلَی الْبَیْتِ الْعَتِیْق جڏهن تون وفات ڪري ويندي ته ملائڪ تنهنجي قبر جي ائين ئي زيارت جي لاءِ ايندا، جيئن ماڻهو بيتُ العتيق (يعني ڪعبي شريف) جي زيارت جي لاءِ ويندا آهن. (جمع الجوامع، جلد:9، صفحہ:159،، حدیث:27914 ۔)

   سُبۡحٰنَ اللهُ! پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! جيترا به اولياءِ ڪرام آهن، الحمد لله! سڀ ئي قرآنِ ڪريم پڙهڻ وارا، ٻين کي قرآن و سنّت جي تعليم ڏيڻ وارا هئا، جڏهن اهلِ قرآن (يعني قرآنِ ڪريم سکڻ سيکارڻ وارن نيڪ ماڻهن) جي مزارُن تي ملائڪَ به حاضر ٿيندا آهن ته اسان ڇونه حاضر ٿيون، ڇونه اولياءِ ڪرام جو فيضان ماڻيون...؟

مزارن تي وڃڻ جون برڪتون

 پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ولين جي مَزارن جون کوڙ برڪتون آهن * هي اهي