Book Name:Darbar Khwaja Mein Badshahon Ki Hazriyan

جامعاتُ المدينه ۽ مدارِسُ المدينه ۽ بيرونِ ملڪ ۾ ٿيڻ وارن ديني ڪمن وغيره کان آگاھ رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي.

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں

اے دعوتِ اسلامی تری دُھوم مچی ہو

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

رجب جي روزن جا فضائل

اي عاشقانِ خواجه! رجب شريف جو مهينو پنهنجون برڪتون لُٽائي رهيو آهي هن مهيني ۾ الله پاڪ جي خوب عبادت ڪريو، نماز ۽ تلاوت سان گڏ روزا رکڻ جي ڪوشش به ڪريو، حضرت عُرۡوه بن زبير رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  حضرت عبدالله بن عُمر رَضِىَ اللهُ عَنْهُما کان پڇيو: ڇا الله پاڪ جا آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ رَجَبُ الۡمُرَجَب ۾ روزا رکندا هئا؟ فرمايائون: هائو!(روزا به رکندا هئا) ۽ ان کي اهميت به ڏيندا هئا. ([1])

         جنّتي صحابي حضرت انس بن مالِڪ رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي، سرڪارِ نامدار، ٻنهي جھانن جي مالِڪ ۽ مختار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جنهن ماھِ حرام ۾ 3 ڏينهن خميس، جمعي ۽ ڇنڇر جا روزا رکيا، ان جي لاءِ ٻن سالن جي عبادت جو ثواب لکيو ويندو. ([2])

   جنّتي صحابي حضرت انس بن مالِڪ رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جنّت ۾ هڪ نهر(شاخ) آهي،


 

 



[1]...کنزالعمال، جزء:8، جلد:4، صفحہ:301، حدیث:24596۔

[2]...معجم اوسط، جلد:1، صفحہ:485، حدیث:1789۔