Book Name:Darbar Khwaja Mein Badshahon Ki Hazriyan

جي لاءِ بيان ٻُڌندس *عِلمِ دين سکندس *پورو بيان ٻُڌندس * ادب سان ويهندس * نصيحت حاصِل ڪندس * اَحمَدِ مُجتبيٰ، مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مبارڪ نالو ٻڌي درودِ پاڪ پڙھندس۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

خواجه اَگن لڳي

   عالمِ باعمل، پيرِ ڪامل، اعلٰي حضرت، امامِ اهلسنّت، مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: منهنجي پير ڀاءُ ۽ منهنجي والد صاحب جي شاگرد مولانا برڪات احمد صاحب (رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه) بيان ڪيو، فرمائن ٿا: مون پنهنجي اکين سان ڏٺو ته هڪ غير مُسلم هو، جنهن جي مٿي کان پيرن تائين سڄي جسم تي ڦرڙيون ئي ڦرڙيون هيون، الله پاڪ ئي ڄاڻي ٿو ته گهڻيون هيون. اهو غير مُسلم منجهند جي وقت خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي مزار شريف تي ايندو هو ۽ درٻار شريف جي سامهون گرم پٿرين تي ليٽڻ شروع ڪري ڇڏيندو هو پڻ هي به چئي رهيو هوندو هو: خواجه اَگن لڳي (اي خواجه! جسم سڙي پيو). 3 ڏينهن لڳاتار اهو ائين ڪندو رهيو، ٽئين ڏينهن مون ڏٺو: بلڪل تندرست ٿي چڪو آهي(يعني ان جون تمام ڦرڙيون ٺيڪ ٿي چڪيون هيون). ملفوظات اعلیٰ حضرت، حصہ سوم،صفحہ:384  ۔

یا خواجہ مُعِینُ الدِّیْں چشتی سلطانُ الْہِند غریب نواز

یا واقفِ رازِ خَفِی و جَلِی سلطانُ الْہِند غریب نواز

لائی ہے مجھے اُمِید ِکرم اِس خاک کی اور اِس دَرْ کی قسم

آیا ہوں پئے حاجت طلبی سلطانُ الْہِند غریب نواز

یہ داغؔ کہاں تک رَنج سہے! تم سے نہ کہے تو کس سے کہے