Book Name:Darbar Khwaja Mein Badshahon Ki Hazriyan

نيڪ جذبا اڀرندا آهن ته ڏسو! هي الله پاڪ جا نيڪ ٻانها...!! انهن سڄي زندگي الله پاڪ جي فرمانبرداري ۾ گذاري، آخرت ۾ انهن کي جيڪو اَجر ۽ ثواب ملندو، اهو ته ملندو ئي، الله پاڪ هن دنيا ۾ ئي انهن تي ڪرم فرمايو ۽ انهن جي مزارُن تي رونقون لڳائي ڇڏيون آهن، هي پاڻ ته دنيا مان وڃي چُڪا آهن پر انهن جي چاهڻ وارن جي ايصالِ ثوابَ جي ذريعي انهن جي نيڪين جو ميٽر هاڻي به هلي رهيو آهي. هي نيڪ جذبا اسان کي به نيڪي تي اڀاريندا ۽ نيڪ بڻجڻ ۾ مدد ڏيندا آهن.

   اهڙيءَ طرح ولين جي مزارن جي برڪتن مان هڪ برڪت هيءَ به آهي ته اتي دعائون جلدي قبول ٿينديون آهن، يقيناً الله پاڪ هر جڳھ ٻڌندو آهي، اسان پنهنجي گهر جي ڪُنڊ ۾ ويهي ڪري دعا گهرون، الله پاڪ اتي به اسان جي ٻڌندو آهي پر اولياءِ ڪرام جي قرب ۾، پنهنجي انهن مقبول ٻانهن جي صدقي ۾ جلدي ٻڌندو (يعني اسان گناھگارن جون مُرادون پوريون فرمائي ڇڏيندو آهي).

انڌي کي اکيون ملي ويون

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هيءَ واقعي حقيقت آهي، اعتقاد پڪو هجي ته ولين جي مزارن مان فيضان نصيب ٿيندو آهي. چون ٿا: هڪ ڀيري اَورنگزيب عالمگير رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سلطانُ الهند خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي مزار شريف تي حاضر ٿيا. صحن ۾ هڪ انڌو فقير ويهي صدا ڏئي رهيو هو: اي خواجه غريب نواز! اکيون ڏي. پاڻ ان فقير کان پڇيائون: بابا! گهڻو عرصو ٿيو اٿئي اکيون گهرندي؟ چيائين: سالَ گذري ويا آهن پر مُراد پوري ئي نه ٿي ٿئي. فرمايائون: مان مزار شريف تي حاضري ڏئي ٿوري دير ۾ واپس اچان ٿو جيڪڏهن اکيون روشن ٿي ويون ته فَبِها (يعني تمام ڀَلو) نه ته قتل ڪرائي ڇڏيندوسانءِ. هي چئي ڪري فقير