Book Name:Darbar Khwaja Mein Badshahon Ki Hazriyan

مجلس مزاراتِ اولياء جو تعارف

 پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي دنيا ڀَر ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ، سنّتن جي خوشبوء پکيڙڻ، علمِ دين جي شمع روشن ڪرڻ ۽ ماڻهن جي دلين ۾ اولياءاللہ جي محبت ۽ عقيدت وڌائڻ ۾ مصروف آهي. سڄي دنيا ۾ ديني ڪمن کي مُنظّم ڪرڻ جي لاءِ تقريباً 80 کان وڌيڪ شعبه جات قائم آهن، انهن مان هڪ شعبو ”مزاراتِ اَوۡلياء“ به آهي۔
* هي شعبو اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهم جي رستي تي هلندي مبارڪ مزارُن تي حاضر ٿيڻ وارن اسلامي ڀائرن ۾ ديني ڪمن جون ڌومون مچائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. *   هي شعبو صاحبِ مزار جي عُرس جي موقعي تي قرآن خواني ۽ اِجتماعِ ذڪر و نعت جو اهتمام ڪندو آهي، * مزارن سان مُلۡحِقه (گڏيل) مسجِدن ۾ عاشِقانِ رسول جا مَدَني قافلا سفر ڪرايا ويندا آهن، عُرس جي ڏينهن ۾ مزار شريف جي احاطي ۾ سنّتن ڀريا مَدَني حلقه لڳايا ويندا آهن، جنهن ۾ وُضو، غسل، تيّمم، نماز ۽ ايصالِ ثواب جو طريقو، مزارن تي حاضريءَ جا آداب ۽ ان جو صحيح طريقو ۽ سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون سُنتون سيکاريون وينديون آهن. *عاشقانِ رسول کي موقعي جي مناسبت سان سٺيون سٺيون نيّتون مثال طور باجماعت نماز جي ادائيگي، دعوتِ اسلامي جي ہفتيوار سُنتن ڀريي اجتماعن ۾ شرڪت، درسِ فيضانِ سنّت ڏيڻ يا ٻڌڻ، صاحبِ مزار جي ايصالِ ثواب جي لاءِ هٿون هٿ مدني قافلن ۾ سفر روزانو پنهنجو جائزو وٺندي نيڪ اعمال جو رسالو ڀَرڻ جي ترغيب ڏياري ويندي آهي. شعبي مزاراتِ اولياء جي تحت عُرس جي ڏينهن ۾ صاحبِ مزار جي خِدمت ۾ وڌ کان وڌ اِيصالِ ثواب جا تحفا پيش ڪرڻ جي ترغيب ڪئي ويندي آهي،* صاحبِ مزار بُزرگ جي سَجادہ نشين،* خُلَفَا ۽ مَزارن جي مُتَوَلِّي صاحبان سان وقتًا فوقتًا ملاقات ڪري انهن کي دعوتِ اسلامي جي خدمتن،