Darbar Khwaja Mein Badshahon Ki Hazriyan

Book Name:Darbar Khwaja Mein Badshahon Ki Hazriyan

‌وَعَلَيْكُمُ السَّلَامُ یَا حُجَّۃَ الْاِسْلاَم۔ خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  جي طرفان سلام جو جواب ٻڌي ڪري بادشاھ اورنگزيب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه نهايت خوش ٿيا، سندن تي وَجَد جي ڪيفيت طاري ٿي وئي، پاڻ ڪافي دير تائين مزار پُراَنوار تي حاضر رهيا، انهيءَ دوران کين ننڊ اچي وئي ۽ سمهي پيا، اکيون بند ٿيون ته خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وڌيڪ ڪرم فرمايو ۽ خواب ۾ تشريف وٺي آيا. بادشاھ اورنگزيب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه عرض ڪيو: خواجه حُضور! مون ٻه ڀيرا سلام پيش ڪيو ته اوهان ڪو جواب نه ڏنو، ٽئين ڀيري جواب عنايت فرمايو، ان ۾ ڪهڙي حڪمت آهي؟ خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو: مان ڪعبي شريف جي ويجهو سجدي ۾ هيس، ان ڪري پهرين ۽ ٻئين ڀيري جواب نه ڏئي سگهيس. (ہند کے مرشِدِ اعظم، صفحہ:134، 135۔)

ڇا مزار وارا ٻڌندا، جواب ڏيندا آهن...؟

سُبۡحٰنَ الله! پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ڇا ته شان آهي اسان جي خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو! يقيناً اولياءِ ڪرام پنهنجي مزارن ۾ زندھ آهن، مزار تي حاضر ٿيڻ وارن کي ڏسندا آهن، انهن جو آواز به ٻڌندا آهن، انهن کي سڃاڻيندا ۽ الله پاڪ جي عطا سان انهن جون اميدون به پوريون فرمائيندا آهن. *  حديثِ پاڪ ۾ آهي، مصطفٰي جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايو: جيڪو به پنهنجي اهڙي مسلمان ڀاءُ جي قبر وٽان گذري جنهن کي دنيا ۾ سڃاڻيندو هو ۽ سلام ڪري ته مڙدو به ان کي سڃاڻيندو ۽ سلام جو جواب ڏيندو آهي.

(الاستذکار،  کتاب الطہارة ، باب جامع الوضوء ،جلد:1، صفحہ:226، تحت الحدیث : 29۔)

* آخري نبي، مُحمدِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ غزوهءِ اُحد کان واپسي تي حضرت مُصعَب بن عُمَير ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي بيٺا ۽ ارشاد فرمايائون: مان گواھي