Book Name:Darbar Khwaja Mein Badshahon Ki Hazriyan

مقامات آهن، جتي الله پاڪ جي رحمت ڇَماڇم وسندي آهي * ولين جي مَزارن  تي حاضري جي برڪت سان ايمان مضبوط ٿيندو آهي * انهن نيڪ ماڻهن جي شان و شوڪت ڏسي ڪري دل ۾ نيڪ ڪمن جي اهميت اجاگر ٿيندي آهي* اتي الله پاڪ جون ڪرم نوازيون اکين سان ڏسڻ جي لاءِ ملنديون آهن
* انهن مزارن جون رونقون ڏسي ڪري الله پاڪ جي واعدن تي ايمان مضبوط ٿي ويندو آهي.

   پير مهر علي شاھ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جيڪي بُلند مرتبي وارا عالِم دين، سيد زاده ۽ نهايت وڏا ڪامل ولي آهن، پاڻ هر سال بابا فريد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي مزار تي حاضري ڏيندا هئا، هڪ ڀيري پاڻ پاڪپتن تشريف وٺي ويا ته ڪنهن بدعقيده پڇي ورتو: اوهان ته عالمِ دين آهيو، اوهان به مزارن تي ويندا آهيو؟ پير مهر علي شاھ صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن فرمايو: مان ته هتي قرآني آيتن جي تفسير اکين سان ڏسڻ ايندو آهيان. ان بدعقيده حيران ٿي ڪري پڇيو: ڪهڙي آيت جي تفسير؟ فرمايائون: الله پاڪ جو فرمان آهي:

فَاذْکُرُوْنِیْۤ اَذْکُرْکُمْ

 ترجمو ڪنز العرفان: پوءِ توهان مون کي ياد ڪريو، مان توهان کي ياد ڪندُس.

 (سيپارو : 2، البقرة: 152)

   بابا فريد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه اهي هستي آهن، جن سڄي زندگي الله پاڪ جو ذڪر ڪندي گذاري، هاڻي مان ڏسڻ ايندو آهيان ته واقعي انهن جو چرچو ٿي رهيو آهي، اهي الله پاڪ جو ذڪر ڪندا هئا، هاڻي مخلوق فريد فريد ڪندي آهي.

مہر منیر، صفحہ:430، 431 خلاصۃً۔

   سُبْحٰنَ اللہ! مزارن تي وڃڻ سان اسان کي اها ترغيب ملندي آهي، اندر ئي اندر