Book Name:Darbar Khwaja Mein Badshahon Ki Hazriyan

ڏيندو آهي اهو الله پاڪ کان ئي وٺي ڪري ڏيندو آهي. الله پاڪ جي عطا کان بغير ڪو هڪ ذرّو به نه ٿو ڏئي سگهي. الله پاڪ جي عطا سان سڀ ڪجھ ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کان اکيون گهري ورتيون ۽ انهن الله پاڪ جي عطا سان عنايت فرمائي ڇڏيون ته آخر هيءَ ڪهڙي ڳالھ آهي جيڪا سمجھ ۾ نه ٿي اچي؟ هي مسئلو ته في زمانه فَنِّ طبّ به حل ڪري ڇڏيو آهي! هر ڪوئي ڄاڻي ٿو ته اڄڪلھ ڊاڪٽر آپريشن جي ذريعي مُئل جون اکيون لڳائي ڪري اَنڌن کي بِينا (يعني ڏسندڙ) ڪري ڇڏيندا آهن. بَس اهڙيءَ طرح خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه به هڪ انڌي کي الله پاڪ جي عطا ڪيل روحاني طاقت سان نابينائي جي مرض کان شفا ڏئي ڪري بينا (يعني ڏسندڙ) ڪري ڇڏيو. بهرحال جيڪڏهن ڪو هي عقيدو رکي ته الله پاڪ ڪنهن نبي يا ولي کي مرض کان شفا ڏيڻ يا ڪجھ عطا ڪرڻ جو اختيار ڏنو ئي ناهي ته اهڙو شخص قرآنِ پاڪ جي حڪم کي ڪوڙو چئي رهيو آهي. سيپارو 3 سورتِ اٰلِ عمران آيت نمبر 49 ۾ حضرت عيسٰي عَلَيه السَّلَام جو قول نقل ڪيو ويو آهي:

وَ اُبْرِیُٔ الْاَکْمَہَ وَ الْاَبْرَصَ وَ اُحْیِ الْمَوْتٰی بِاِذْنِ اللّٰہِ ۚ 

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ مان پيدائشي انڌن کي ۽ ڪوڙھ جي مريضن کي شفاء ڏيندو آهيان ۽ مان الله جي حڪم سان مُئل جيئاريندو آهيان.

  ڏٺو اوهان! حضرت عيسٰي عَلَيه السَّلَام صاف صاف اعلان فرمائي رهيا آهن ته مان الله پاڪ جي ڏنل عطا سان پيدائشي انڌن کي بينائي ۽ ڪوڙهين کي شفا ڏيندو آهيان ايستائين جو مُردن کي به زندھ ڪري ڇڏيندو آهيان. الله پاڪ جي طرفان انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام کي طرح طرح جا اختيارَ عطا ڪيا ويندا آهن ۽ نبين سڳورن عَلَيهمُ السَّلَام جي فيضان مان اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهم کي به اختيارَ ڏنا ويندا آهن،