Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

گهڻي حوصله اَفزائي فرمائي ۽ عرض ڪيو: الله پاڪ جو قسم! الله پاڪ ڪڏهن به اوهان کي رسوا نه ڪندو ڇوته اوهان صلهءِ رحمي ڪندا، ڪمزورن جو بوجھ کڻندا، محتاجن جي لاءِ ڪمائيندا، مهمانوازي ڪندا ۽ راههِ خدا ۾ مشڪلات برداشت ڪندا آهيو.

جڏهن سرڪارِ عالي وقار، محبوبِ ربّ غفارصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم الله پاڪ جي حڪم سان اعلانِ نبوت فرمايو، ماڻهن کي صرف هڪ سچي خُدا، الله ربُّ العالمين جي عبادت جي طرف سڏيو ته ماڻهن سندن دعوت قبول ڪرڻ ۽ سندن پڪار تي لبيڪ چوڻ بدران مڪي وارن مٿس مصيبتن ۽ دردن جا جبل ڪيرائڻ شروع ڪيا.  سندن راھ ۾ ڪنڊا وڇايا ويندا ها، افسوس! جسم مبارڪ تي پٿر وسايا ويندا ها.

   اهڙي نازڪ، خوفناڪ ۽ مشڪل مرحلي ۾ جن هستين حق جي دعوت تي لبيڪ چوندي سڀني کان پهريان پاڻ سڳورن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي دعوتِ حق کي قبول ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪئي، انهن ۾ نمايان نالو *   مجسمه حُسۡنِ اخلاق * پاڪيزه سيرت ۽ بلند ڪردار * جود و سخاوت جي پيڪر * صدق و وفا جي پيڪر حضرت خديجة الڪُبريٰ رَضِىَ اللهُ عَنْهَا جو آهي. * اها حضرت خديجه رَضِىَ اللهُ عَنْهَا جي ئي ذات هئي جيڪا پروانن جيان پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  تي نثار ٿي رهي هئي. *    اها حضرت خديجه رَضِىَ اللهُ عَنْهَا ئي هئي جن عورتن ۾ سڀني کان پهريان حضور اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تي ايمان آندو هر مشڪل کان مشڪل وقت ۾ سندن ساٿ نڀايو. *   حضرت علامه محمد بن اسحاق مدني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه   فرمائن ٿا: رسول اڪرم، نور مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جڏهن به ڪافرن جي طرفان ناپسنديده ڳالھ ٻڌي ڪري غمگين ٿي ويندا هئا ته ان کان بعد حضرت خديجة الڪُبريٰ رَضِىَ اللهُ عَنْهَا وٽ تشريف کڻي ايندا هئا ته انهن جي ذريعي الله پاڪ، پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جي اها رنج