Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

جي عزت ڪئي ويندي آهي نه ئي ان کي ذليل ڪيو ويندو آهي.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم:  علاقائي دورو

حديث پاڪ جو خلاصو آهي: جيڪي قدم راھ خُدا ۾ خاڪ آلود ٿين، انهن کي جهنم جي باھ نه ڇُهندي[1] * نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ برائي کان منع ڪرڻ جي لاءِ گهر کان نڪرڻ به راھ خُدا ۾ نڪرڻ آهي. * اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  نيڪي جي دعوت ڏيڻ جي لاءِ بازارن ۾ تشريف کڻي ويندا هئا. مختلف قبيلن ۾ وڃي ڪري نيڪي جي دعوت ڏيندا هئا.  * دعوت اسلامي وارا  عاشقانِ رسول به هن پياري ادا کي ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.* گهر گهر، دڪان دڪان، وڃي ڪري نيڪي جي دعوت پيش ڪئي ويندي آهي. * ماڻهن کي مسجد ۾ اچڻ جي دعوت ڏني ويندي آهي. * نمازن جي ترغيب ڏياري ويندي آهي. * اسان ان کي علاقائي دورو چوندا آهيون. * اوهان به عاشقانِ رسول سان ملي ڪري علاقائي دورو ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  * انبياء جي سُنت تي عمل جي سعادت ملندي. * نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو ثواب ملندو. * حديث پاڪ جي مطابق نيڪي جي راھ ڏيکارڻ وارو، نيڪي ڪرڻ جيان آهي.[2]  * جيڪڏهن اسان جي نيڪي جي دعوت سان هڪ شخص به نيڪ نمازي بڻجي ويو ته يقين مڃو! ڀاڳ کُلي ويندا.

غير مسلم مسلمان ٿي ويو

پاڪستان پنجاب جي صوبي جي هڪ مبلغِ دعوتِ اسلامي جو بيان آهي، هڪ


 

 



[1] مسند امام احمد،جلد:6، صفحہ:507، حدیث:16356۔

[2] ترمذی، ابواب العلم، باب ماجاء الدَّال...الخ، صفحہ:628، حدیث:2670۔