Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

بيان ٻڌڻ جون نيتون

حديث پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیّات عملن جو دارومدار نيتن تي آهي. )[1](

پيارا اسلامي ڀائرو! سٺي نيت افضل ترين عمل آهي، بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪيو ته * نگاهون هيٺ ڪري بيان ٻڌندس، * علمِ دين جي تعظيم جي نيت سان جيتري دير ٿي سگهيو گوڏن ڀر يعني التَّحِيَّات ۾ ويهڻ جيان ويهندس، *   ضرورتًا سرڪي ٻين جي لاءِ جاءِ ڪشادي ڪندس، *  ڌڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، *  بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي مسلمانن کي سلام ڪندس، هٿ ملائيندس ۽ انفرادي ڪوشش ڪري نيڪيءَ جي دعوت پيش ڪندس. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! 

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                    صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

شور۽ تڪليف کان پاڪ محل جي بشارت

حديث پاڪ جي سڀني کان معتبر ۽ تمام مشهور ۽ معروف ڪتاب بخاري شريف ۾ هڪ روايت آهي، جنهن ۾ هڪ ايمان اَفروز واقعو بيان ٿيو، واقعو اُنهن ڏينهن جو آهي جڏهن اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم غارِ حرا ۾ تشريف کڻي ويندا هئا.[2] هڪ ڏينهن ائين ٿيو جو پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  غارِ حرا ۾ تشريف فرما هئا، حضرت جبريل اَمينِ عَلَيۡهِ السَّلَام به بارگاھِ رسالت ۾ حاضر هئا، ايتري ۾ مسلمانن جي پياري امڙ سائڻ، رسول اڪرم، نور مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي زوجهءِ محترمه حضرت خديجة الڪبريٰ رَضِىَ اللهُ عَنْها    پري کان ايندي نظر آيون، اڳتي ڇا ٿيو؟ بخاري شريف جي


 

 



[1]...بخاري، ڪتَاب بَدءِ الْوَحي، صفحو:65، حديث:1۔

[2] مرآۃ المناجیح، ازواجِ پاک کے فضائل، پہلی فصل،جلد:8،صفحہ:495۔