Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

و غم جي ڪيفيت پري ڪري ڇڏيندو هو. [1]

وہ اَنیسِ غم مُوْنِسِ بے کساں                                                                                            وہ سُکُونِ دلِ مالکِ اِنس و جاں

وہ شریکِ حَیَاتِ شہِ لامکاں                                                                                                   سِیَّما پہلی ماں کہفِ امن و اماں

حق گزارِ رفاقت پہ لاکھوں سلام([2])

 وضاحت: بي ڪسن جي آقا، ٻنهي جهانن جي موليٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جي غم جي رفيق، سندن سڪون جو سبب، شريڪ حيات، اهل ايمان جي پهرين ماءُ، اهل ايمان جي بهترين پناھ گاھ ۽ مصطفيٰ جان رحمت، شمع بزم هدايت  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم سان رهڻ جو حق ادا ڪرڻ واري شخصيت حضرت خديجة الڪُبريٰ رَضِىَ اللهُ عَنْهَا تي لکين سلام هجن.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

(2) ڏسڻ  بغِير ايمان آڻڻ

حضرت خديجة الڪُبريٰ رَضِىَ اللهُ عَنْهَا جو ٻيو نهايت اعليٰ وصف آهي: غيب جي ڳالهين تي ڪامل يقين رکڻ. پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْهَا جي ايمان جي پختگي ۽ مضبوطي جو اندازو هن ڳالھ مان لڳايو ته جڏهن پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي شهزادي حضرت قاسم رَضِىَ اللهُ عَنْهَ جو انتقال ٿيو، حضرت خديجه رَضِىَ اللهُ عَنْهَا عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! ڪاش! الله پاڪ قاسم کي رضاعت جي مدت(يعني کير پيئڻ جي عمر) پوري ٿيڻ تائين زندھ رکي ها. رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  فرمايو: ان جي رضاعت جنت ۾ پوري ٿيندي. پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْهَا عرض ڪيو: يارسول الله  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! جيڪڏهن مان


 

 



[1] السيرة النبویۃ لابن اسحاق، تحدید لیلۃ القدر ،جلد:1،صفحہ:176۔

[2]... بہارِ عقیدت،صفحہ:11۔