Faizan e Khadija tul Kubra

Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

هن ڳالھ کي ڄاڻان ها ته مون تي هي ڪم آسان ٿي وڃي ها. سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  فرمايو: جيڪڏهن تون چاهين ته مان الله پاڪ کان دعا ڪيان ۽ تون هن جو آواز ٻڌي وٺين؟ ان تي پاڻ  رَضِىَ اللهُ عَنْهَا عرض ڪيو: نه، بلڪ مان الله پاڪ ۽ ان جي رسول جي تصديق ڪيان ٿي.[1]

سُبْحٰنَ اللہ!   هڪ لڪيل ڳالھ تي ايتري قدر مضبوط ايمان جو ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي حاجت ئي نه سمجهي ۽ ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي بغير ئي پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي تصديق ڪري ڇڏي. هي اُن دور جي ڳالھ آهي جڏهن رسول اڪرم، نور مُجَسَّمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي تصديق ڪرڻ وارا تمام ٿورا هئا پر قربان وڃون اُمُّ المؤمنين حضرت خديجة الڪُبريٰ رَضِىَ اللهُ عَنْهَا تي جو انهن ڏينهن ۾ به اهڙي ڪامل تصديق ڪئي ۽ اهڙو ڪامل ايمان ماڻيو، يقيناً پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْهَا مسلمانن جي لاءِ فخر جو سبب آهن.

ڏسڻ بغير مڃڻ جا فضائل

 اي عاشقانِ رسول! اسان کي به گهرجي ته اسان الله ۽ رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ   جي فرمان کي ڏسڻ بغير مڃڻ جي عادت بڻايون، جيڪو ڏسڻ جي بغير مڃيندو آهي اهو هدايت ماڻيندو آهي، ڪاميابي ان جا قدم چمندي آهي، مسلمانن جي پهرين خليفي حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه ڏسڻ جي بغير مڃيو ته ڏسو ڪيتري بلند مقام تي پهتا...!!! معراج جي تصديق سندن ڪيئن نرالي انداز ۾ ڪئي، هڪ غير مسلم پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْهَ کي چيو: اي ابوبڪر! توهان جا دوست محمد  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائن ٿا: مان رات مسجد اقصٰي ويس ۽ صبح کان پهريان واپس مڪي شريف پهچي ويس. حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْهَ فرمايو: جيڪڏهن هي ڳالھ منهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائي آهي ته بلڪل سچ چيو اٿن.[2]


 

 



[1] سنن ابن ماجہ، كتاب الجنائز، باب ماجاء فى الصلاة...الخ، صفحہ:243، حديث:1512

[2] مستدرک،کتاب معرفۃ الصحابۃ،جلد:4،صفحہ:5،حدیث:4463۔