Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

چار افضل جنّتي عورتون

حضرت عبدالله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْهما    فرمائن ٿا: هڪ ڀيرو رسول اڪرم، نور مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ زمين تي چار لڪيرون ڪڍي ڪري فرمايو: توهان ڄاڻيو ٿا هي ڇا آهن؟ صحابه ڪرام رضِىَ اللهُ عَنْهم عرض ڪيو: اَللہُ وَ رَسُوْلُہ اَعْلَمُ  يعني الله پاڪ ۽ ان جو رسول بهتر ڄاڻين ٿا. فرمايائون: جنتي عورتن ۾ سڀني کان وڌيڪ فضيلت واريون هي عورتون آهن: (1) خديجه بنت خُوَيۡلِد يعني حضرت خديجة الڪبريٰ رَضِىَ اللهُ عَنْها 
(2) فاطِمه بنتِ مُحَمَّد (3) فرعون جي گهر واري آسيه بنت مُزاحِم (4) ۽ حضرت عيسيٰ جي والده محترمه حضرت مَرۡيَم بنت عمران (
رَضِىَ اللهُ عَنْهنّ)[1]

دنيا ۾ جنتي ميوي مان لطف اندوز

اُمُّ المؤمنين حضرت خديجة الڪبريٰ رَضِىَ اللهُ عَنْها کي دنيا ۾ رهندي جنّتي ميوي مان لطف اندوز ٿيڻ جو شرف به حاصل آهي جيئن ته اُمُّ المؤمنين حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون ته رسول ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت خديجة الڪبريٰ رَضِىَ اللهُ عَنْها کي جنّتي انگور کارايا.[2]

مالِکِ کونین ہیں گو پاس کچھ رکھتے نہیں                                                          دو جہاں کی نعمتیں ہیں ان کے خالی ہاتھ میں

نماز جي ادائيگي

اُمُّ المومنين حضرت خديجه رَضِىَ اللهُ عَنْها کي اسلام جي دنيا ۾ جلوه گر ٿيڻ جي پهرين ئي ڏينهن نماز پڙهڻ جو شرف حاصل آهي، اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: رسول اڪرم، نور مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تي پهريون ڀيرو جنهن وقت وحي نازل ٿي ۽ نبوتِ ڪريمه ظاهر ٿي انهي وقت حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم نماز پڙهي ۽ انهيءَ ڏينهن اُمُّ المومنين حضرت خديجه رَضِىَ اللهُ عَنْها به پياري آقا


 

 



[1] مسند احمد، مسند بنى هاشم، مسند عبد الله بن العباس...الخ،جلد:2صفحہ:241، حديث:2720۔

[2] المعجم الاوسط للطبرانى، باب الميم، من اسمه محمد،جلد:4،صفحہ:315، حديث:6098۔