Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

(2) جيڪڏهن ڪو ڪنهن جو سلام آڻي ته...؟

پيارا اسلامي ڀائرو! هن واقعي ۾ سکڻ جي هڪ ٻي ڳالھ ٻڌو! حضرت خديجة الڪبريٰ رَضِىَ اللهُ عَنْها جي لاءِ حضرت جبريل اَمين عَلَيۡهِ السَّلَام پنهنجو سلام به ڏنو ، ان جي جواب ۾ حضرت خديجة الڪبريٰ رَضِىَ اللهُ عَنْها چيو: وَعَلٰی جِبْرِیْلَ السَّلَامُ وَعَلَیْکَ السَّلَامُ وَرَحْمَۃُ اللہِ وَبَرَکَاتُہُ  يعني ۽  حضرت جبريل اَمين عَلَيۡهِ السَّلَام ۽ اوهان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  تي سلامتي، الله پاڪ جون رحمتون ۽ برڪتون هجن.[1] هتي ٻه ڳالهيون سکڻ جون آهن: (1) جڏهن ڪنهن جي طرفان سلام موڪليو وڃي، يعني سلام چوڻ وارو ڪو ٻيو هجي ۽ سلام پڄائڻ وارو ڪو ٻيو هجي ته جواب ۾ صرف سلام موڪلرائڻ واري کي سلام نه چيو ويندو بلڪ جيڪو سلام کڻي آيو آهي ان کي به سلام چيو ويندو. (2): ۽ ٻي ڳالھ هي معلوم ٿي ته جڏهن به سلام ڪيو وڃي يا سلام جو جواب ڏيڻو هجي ته صرف لفظ سلام تي بس نه ڪئي وڃي بلڪ گڏوگڏ وَرَحْمَۃُ اللہِ وَبَرَکَاتُہٗ  به چيو وڃي.

اي عاشقانِ رسول! هي اسلام جي ابتدائي زماني جو واقعو آهي، ان وقت اسلامي احڪام ۽ علمِ دين گهڻو عام نه ٿيا هئا، هاڻي اسان ٿورو غور ڪيون، اڄ اسلام سڄي دنيا ۾ پکڙجي چڪو آهي، اسلامي احڪام عام ٿي چڪا آهن، علمِ دين تي هزارين نه بلڪ لکين ڪتاب لکجي چڪا آهن، هن وقت خاص ڪري اسلامي ملڪن ۾ ته ڪو اهڙو شخص نه هوندو جو علمِ دين جنهن جي پهچ ۾ نه هجي. جيڪڏهن چاهي ته هر فرد آساني سان علم دين سکي سگهي ٿو، ان جي باوجود ٿورو اسان غور ڪيون، ڇا اسان کي سلام جو صحيح جواب ڏيڻ اچي ٿو؟

طلاق، خلع يا نماز ۽ زڪوات جي ڪنهن باريڪ مسئلي جي ڳالھ نه پئي ڪئي وڃي، دين جي هڪ نهايت بنيادي ڳالھ آهي، اسان تمام ننڍا هئاسين، تڏهن کان


 

 



[1] سنن الكبرى للنسائى، كتاب المناقب، مناقب خديجة...الخ،جلد:7،صفحہ:390،حديث:8301۔