Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

اَلۡـحَـمۡـدُ لِـلّٰـہِ رَبِّ الۡـعٰـلَـمِیۡنَ وَ الـصَّـلٰـوۃُ وَ الـسَّـلَامُ عَـلٰی سَـیِّـدِ الۡـمُـرۡ سَـلِـیۡنَ

اَمَّـا بَــعۡـدُ فَـاَعُـوۡذُ بِـا لـلّٰـہِ مِـنَ الـشَّـیۡـطٰنِ الـرَّجِیۡمِؕ بِـسۡمِ الـلّٰـہِ الـرَّحۡـمٰنِ الـرَّحِـیۡمِؕ

وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا حَبِيۡبَ اللّٰه                                                                                                            اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا رَسُوۡلَ اللّٰه

وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا نُوۡرَ اللّٰه                                                                                                                        اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا نَبِيَّ اللّٰه

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَاف (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي) 

درودِ پاڪ جي فضيلت

 الله پاڪ جي حبيب، دلين جي طبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو ٻانهو محبت ۽ عشق سان 3 ڀيرا ڏينهن جو ۽ 3 ڀيرا رات جو مون تي درود پاڪ پڙهي، الله پاڪ تي حق آهي ته ان جي اُن ڏينهن ۽ اُن رات جا گناھ مُعَاف ڪري ڇڏي.[1]

            اي عاشقانِ رسول! جيڪڏهن اسان ٿوري به توجھ ڪيون ته ڪيتري آساني سان گناھ بخشرائي سگهجن ٿا، مثلاً صبح فجر جي نماز باجماعت ادا ڪيون، مٿو جهڪائي اکيون بند ڪيون ۽ سبز سبز گنبذ جو تصور ڄمائي ڪري 3 ڀيرا درود پاڪ پڙهون، اهڙي طرح رات جو سمهڻ وقت چاهي بستر ئي تي ڪعبي جي طرف منهن ڪري، مٿو جهڪايون، اکيون بند ڪيون ۽ پياري پياري گنبذِ خضراء جو تصور ڄمائي ڪري 3 ڀيرا درود پاڪ پڙهون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اُن ڏينهن ۽ رات جا گناھ مُعاف ٿي ويندا. خيال رهي! ڪبيره گناھ سچي توبه کان مُعَاف ٿيندا آهن، ايئن ئي قضا نمازون، قضا روزا، ٻانهن جا مالي، جسماني حقوق ذمي تي هجن ته اُنهن جي ادائيگي به لازمي آهي.

وہ تو نہایت سستا سودا، بیچ رہے ہیں جنّت کا               ہم مفلس کیا مول چکائیں، اپنا ہاتھ ہی خالی ہے([2])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1] معجم کبیر، جلد:8، صفحہ:69، حدیث:15316۔

[2]...حدائقِ بخشش، صفحہ:186۔