Faizan e Khadija tul Kubra

Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

اسلامي جي علمي ۽ تحقيقي شعبي المدينة العلميه حضرت خديجة الڪبريٰرَضِىَ اللهُ عَنْها جي سيرت تي نهايت پياري ۽ آسان ڪتاب لکي ڪري اسان کي ڏني آهي، ان جو نالو آهي: فيضان خديجة الڪبريٰ  رَضِىَ اللهُ عَنْها مڪتبة المدينه تان هي ڪتاب هديو ڏئي طلب ڪيو! پاڻ به پڙهو ۽ پنهنجي اهل خانه کي، عزيز رشتيدارن ۽ دوست احباب وغيره کي به پڙهڻ جي ترغيب ڏياريو.  

    الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي. ڪاش! اُمُّ المؤمنين حضرت خديجة الڪبريٰ رَضِىَ اللهُ عَنْها جي صدقي اسان کي به عشقِ رسول جي بي پناھ دولت ملي، دين جي خدمت ڪرڻ، دين جي لاءِ پنهنجو تن، من لٽائڻ جي توفيق نصيب ٿي ۽ ڪاش! ڪاش! اسان کي مضبوط ترين ايمان نصيب ٿي وڃي، ڪاش اسان ڪامل ايمان وارا سچا پڪا، باڪردار مسلمان بڻجڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون.

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

امام حسن مجتبيٰ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  جو تعارف

  پيارا اسلامي ڀائرو!  رَمضانُ المبارڪ جو بابرڪت مهينو جاري آهي، هن مبارڪ مهيني جي 15 تاريخ تي سيده خديجة الڪبريٰ رَضِىَ اللهُ عَنْها جي پياري ڏوهٽي حضرت امام حسن مجتبيٰ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  جي ولادت جو به ڏينهن آهي. اچو انهي مناسبت سان سندن ذڪر خير به ٻڌي وٺون ٿا. حضرت امام حسن مجتبيٰ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ   4 هجري تي 15 رمضان المبار جو مديني شريف ۾ پيدا ٿيا[1] پياري آقا مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم سندن نالو حسن رکيو.[2] پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  ايتري قدر خوبصورت هئا جو حضرت عبدالله بن زبير رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  چوندا هئا: الله پاڪ جي قسم! ڪنهن عورت وٽ حضرت حسن رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  جهڙو(خوبصورت) ٻار پيدا نه ٿيو.[3] الله پاڪ جا آخري نبي،