Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

مُحَمَّدِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  سندن کان تمام گهڻي محبت ڪندا هئا، کين مبارڪ ڪلهن تي سوار ڪندا هئا. روايت ۾ آهي: هڪ ڀيرو پياري آقا  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کين ڪلهي تي سوار ڪري رکيو هو ته هڪ صاحب عرض ڪيو: نِعْمَ الْمَرْکَبُ رَکِبْتَ یَا غُلَام صاحبزادا! تنهنجي سواري ته ڏاڍي پياري آهي. پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  فرمايو: سوار به ته تمام پيارو آهي. [1]

پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه  جا کوڙ فضائل آهن. امام حسن ۽ امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهما جنتي جوانن جا سردار آهن.[2] پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ   سندن متعلق فرمايو ته هي دنيا ۾ منهنجا ٻه گُل آهن. [3] هڪ هنڌ فرمايو: اي الله! مان هن کان محبت ڪيان ٿو تون به هن کان محبت فرماءِ.[4]

اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نقل ڪن ٿا: پهريان غوثِ اعظم خود حضور امام حسن  رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  ٿيا ۽ درميان ۾ صرف شيخ عبدالقادر جيلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ۽ آخر ۾ حضرت امام مهدي  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هوندا.[5]

هٿون هٿ ضرورت پوري ڪري ڇڏي

 پيارا اسلامي ڀائرو! امام حسن  مجتبيٰ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  بيشمار خوبين وارا هئا، سند پاڪيزه سيرت مان اسان کي گهڻو سبق ملي ٿو، سندن هڪ نهايت ئي پيارو وصف سخاوت آهي، پاڻ  رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  غريبن، بي ڪسن، مسڪينن سان تمان گهڻو پيار ڪندا هئا. انهن جي ڪم ايندا هئا، انهن جي ضرورتن کي پورو ڪندا هئا. سندن پاڪ در تان ڪو سوالي خالي هٿين نه ويندو هو، احياءُالعلوم ۾ آهي: هڪ ڀيرو حضرت امام حسن مجتبيٰ  رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  جي خدمت ۾ هڪ


 

 



[1] ترمذی، ابواب المناقب...الخ، صفحہ:858، حدیث:3790۔

[2] ترمذی، ابواب المناقب...الخ، باب مناقب ابی محمد الحسن...الخ، صفحہ:855، حدیث:3775۔

[3] مسند بزار، جلد:9، صفحہ:111، حدیث:3657۔

[4] ترمذی، ابواب المناقب...الخ، صفحہ:858، حدیث:3791۔

[5] فتاویٰ رضویہ، جلد:28، صفحہ:392۔