Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

حضرت خديجة الڪُبريٰ رَضِىَ اللهُ عَنْهَا جا 2 اعليٰ وصف

 پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت خديجةُ الڪبريٰ  رَضِىَ اللهُ عَنْهَا  جي پاڪيزه سيرت ۾ اسان جي لاءِ سکڻ جون کوڙ ساريون ڳالهيون آهن. خاص ڪري سندن 2 نهايت اعليٰ وصف جيڪي سندن سيرت ۾ نمايان آهن ۽ اَڄ اسان کي هي ٻئي وصف اپنائڻ جي به گهڻي ضرورت آهي.

(1): عشق رسول

انهن مان پهريون وصف آهي: حضرت خديجة الڪُبريٰ رَضِىَ اللهُ عَنْهَا جو عشقِ رسول. پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْهَا پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم سان بطور آخري نبي بي پناھ محبّت ڪنديون هيون. سندن پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تي پنهنجو مال به قربان ڪيو، پنهنجي زندگي به پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي ۽ قدم قدم تي پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت به ڪنديون رهيون.

اسلام جي شروعات ۾ حضرت خديجه  رَضِىَ اللهُ عَنْهَا  جو ڪردار

پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي عمر مبارڪ 40 سال هئي، رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ پاڻ سڳورن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تي پهرين وحي نازل ٿي.[1]  اُن موقعي تي حضرت خديجة الڪُبريٰ رَضِىَ اللهُ عَنْهَا مثالي ڪردار ادا ڪيو، رسولِ نامدار، شفيع روزِ شمار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي زوجيت ۾ اچڻ کان وٺي ڪري آخري ساھ تائين رات ڏينهن وک وک تي پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو ساٿ ڏنو. غارِ حرا ۾ پهرين وحي نازل ٿيڻ کان پوءِ جڏهن پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت خديجه رَضِىَ اللهُ عَنْهَا وٽ هن حال ۾ تشريف کڻي آيا جو پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي دل مبارڪ ڏڪي رهي هئي تڏهن حضرت خديجة الڪُبريٰ رَضِىَ اللهُ عَنْهَا سندن تمام


 

 



[1] مواہب ُاللَدُنيہ،مقصد الاول، دقائق حقائق بعثته،جلد:1،صفحہ:103، ملتقطًا۔