Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

نٿو ٿي سگهي، ڪا شيءِ حاصل ڪرڻي هجي ته قرباني ته ڏيڻي ئي پوندي آهي. لهٰذا همت ڪيو! دين جون پياريون پياريون ڳالهيون سکڻ جي لاءِ * فرض عُلوم سکڻ جي لاءِ * سنتون ۽ زندگي جا آداب سکڻ جي لاءِ دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو!  * عاشقانِ رسول سان گڏ مدني قافلن ۾ سفر ڪيو!  *  اَلحَمۡدُلله! رمضان المبارڪ به پنهنجون برڪتون لٽائي رهيو آهي، اعتڪاف جون بهارون آهن، دعوت اسلامي جي تحت ٿيڻ واري اجتماعي اعتڪاف ۾ هي سنتون سکي سگهجن ٿيون.  * امير اهل سُنت مولانا محمد  الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ   هر هفتي براهِ راست عشاء جي نماز کان پوءِ مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن، مدني مذاڪري ۾ پابندي سان شرڪت ڪندا رهو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! علم دين جو انمول خزانو هٿ ايندو ۽ * علمِ دين سکڻ جو سڀني کان بهترين انداز، جامعة المدينه ۾ داخلا وٺو! هاڻي شوال کان درسِ نظامي (يعني عالم ڪورس) جا نوان ڪلاس شروع ٿي رهيا آهن، جامعة المدينه جا داخلا جاري آهن، جيڪڏهن اسان درسِ نظامي(يعني عالم ڪورس) ڪيون، پوءِ ته ڇا ڳالهه آهي، ان جي برڪت سان اسان کي قرآن ڪريم سمجهڻ اچي ويندو، علمِ تفسير، علم حديث، علمِ فقه، علمِ تصوّف ۽ تمام گهڻا ديني علوم ۽ علمِ دين جا وڏا وڏا عربي ڪتاب پڙهڻ اسان سکي وينداسين. الله پاڪ اسان کي علمِ دين سکڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جو جذبو عطا فرمائي.

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                    صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

حضرت خديجة الڪبريٰ  رَضِىَ اللهُ عَنْها جو مختصر تعارف

   پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت خديجة الڪبريٰ رَضِىَ اللهُ عَنْها مسلمانن جي پياري امڙ سائڻ يعني اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم   جي پهرين