Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

وضاحت: حضرت خديجة الڪبريٰ رَضِىَ اللهُ عَنْها اهلِ ايمان جي پهرين پياري امڙ سائڻ آهن، انهن جي بزرگي، پاڪيزگي ۽ بلند رتبي جو اهو عالم آهي ته سندن ربِّ مصطفيٰ، الله رب العالمين جي بارگاھ ۾ وڏو مقام رکن ٿيون، سندن اها شان آهي جو الله پاڪ انهن جي لاءِ سلام جو تحفو موڪليو، حضرت جبريل اَمين عَلَيۡهِ السَّلَام سندن آداب جو لحاظ رکندا آهن، الله پاڪ انهن کي ياقوت سان جڙيل موتين سان ٺهيل جنتي محل عطا فرمايو، اهڙو محل جنهن ۾ نه شور آهي، نه تڪليف آهي، اهڙي سلامتي واري بلند زوجهءِ مصطفي حضرت خديجة الڪبريٰ رَضِىَ اللهُ عَنْها تي ۽ ان جي بلند ۽ بالا محل جي زيب و زينت تي لکين سلام هجن.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

حضرت خديجه رَضِىَ اللهُ عَنْها جي فقاهت جي شان

  پيارا اسلامي ڀائرو! هن واقعي ۾ اسان جي لاءِ سکڻ جون کوڙ ڳالهيون آهن. (1) اَوَّل ته هن واقعي جي روشني ۾ مسلمانن جي پياري امڙ سائڻ حضرت خديجة الڪبريٰ رَضِىَ اللهُ عَنْها جي عقل، سندن فهم فراست ۽ فقاهت جي شان ڏسو!  حضرت جبريل اَمين عَلَيۡهِ السَّلَام سندن لاءِ سلام جو تحفو کڻي آيا ۽ بارگاھِ رسالت ۾ عرض ڪيو: يارسول الله   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! حضرت خديجة الڪبريٰ رَضِىَ اللهُ عَنْها  جي لاءِ الله پاڪ به سلام موڪليو آهي، اهو به ان تائين پهچايو! ۽ منهنجي طرفان به ان کي سلام ڏئي ڇڏجو!

هاڻي سلام ٻن هستين جي طرفان آيو هو، اسان کي ڪو سلام موڪلي. هڪ ٻانهي جي طرفان سلام اچي، ان جو به جواب اهو ئي ٿيندو، هزارين ماڻهن پاران سلام اچي، ان جو به جواب اهڙو ئي هوندو پر حضرت خديجة الڪبريٰ رَضِىَ اللهُ عَنْها  جي عقلمندي تي قربان وڃو! اسلام جو ابتدائي زمانو آهي، اڃا ديني احڪام ايترا عام ناهن ٿيا، علمِ دين اڃا عام ناهي ٿيو، ان دور ۾ حضرت خديجة