Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

ڏينهن اسان وٽ ڪراچي کان هڪ مدني قافلو آيو، مدني قافلي وارن سان ملي ڪري مون کي به علاقائي دوري ۾ شرڪت جو شرف مليو، اسان هڪ درزيءَ جي دڪان جي ٻاهران ماڻهن کي گڏ ڪري نيڪي جي دعوت ڏئي رهيا هئاسين، جڏهن بيان ختم ٿيو ته انهيءَ دڪان جي هڪ ملازم نوجوان چيو: مان غير مسلم آهيان. توهان حضرات جي نيڪي جي دعوت منهنجي دل تي گهرو اثر (Effect) ڪيو آهي، مهرباني فرمائي ڪري مون کي اسلام ۾ داخل ڪري وٺو. پوءِ الحمد لله! اهو ڪلمو پڙهي ڪري مسلمان ٿي ويو.[1]

مقبول جہاں بھر میں، ہو دعوتِ اسلامی

صدقہ تجھے اے رَبِّ غفّار! مدینے کا

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                    صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

اوقاتِ نماز (Prayer Times) ايپ جو تعارف

پيارا اسلامي ڀائرو! دعوتِ اسلامي جي آئي، ٽي ڊپارٽمنٽ هڪ نهايت پياري موبائل ايپلي ڪيشن بنام اوقاتِ نماز (Prayer Timesجاري ڪئي آهي * هن ايپلي ڪيشن جي ذريعي سڄي دنيا ۾ ڪنهن به مقام جو وقت ۽ سمتِ قبله معلوم ڪري سگھي ٿو * هن کان علاوه پنج  نمازن جي وقتن بابت ماهوار ٽائم ٽيبل * اذڪار (روحاني علاج) *  مدني چينل ريڊيو *  نماز جي اوقات ۾ موبائل کي سائلنٽ (Silent) ڪرڻ جي سهولت ۽ اسلامي ڪيلنڊر موجود آهي۔ پنهنجي موبائل ۾ هي ايپليڪيشن انسٽال ڪريو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو۔

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                    صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ


 

 



[1] شرح شجرہ قادریہ عطاریہ، صفحہ:175۔