Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِرسالت، شَهنشاھ نُبُوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔[1]

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                                                   جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                    صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

وعدي جي پابندي سُنت آهي

   ٻه فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: (1): جيڪو وعدو پُورو نٿو ڪري، ان جو ڪو ايمان ناهي۔ (مصنف اِبْنِ اَبِی شیبہ، کتاب: الايمان، جلد:7صفحہ:223) (2): جيڪو مسلمان پنهنجي ڀاءُ سان وعدو خلافي ڪري ان تي الله پاڪ ۽ ملائڪن ۽ تمام انسانن جي لعنت آهي۔ (بخاری، کتاب:جِزْیہ، صفحہ:815، حدیث:3179)

اي عاشقانِ رسول! وعدو پورو ڪرڻ سُنّتِ مصطفيٰ بلڪ سُنّتِ انبياء آهي۔ *  اسان جا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وعدي جا گھڻا پَڪا هئا ۽ * وعدو ٽوڙڻ کي تمام ناپسند ڪندا هئا۔ * اِعلانِ نبوت کان پهريان هڪ ڀيري هڪ شخص پاڻ ڪريمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي عرض ڪيو: اوهان ترسو مان اجھو ٿو موٽان، اهو شخص هليو ويو پر واپس اچڻ وسري ويس، ٽن ڏينهن کان پوءِ ان کي ٻيهر ياد آيو، جڏهن اهو انهيءَ هنڌ پهتو ته هي ڏسي حيران رهجي ويو ته رسول اڪرمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٽي ڏينهن گذرڻ جي باوُجود اتي ئي بيٺا آهن ۽ مَاشَآءَ الله! شفقت و رَحمت ۽ حُسنِ اَخلاق ڏسو! پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي ڌڙڪا ڪونه ڏنا، ڪاوڙ نه ڪئي، بَس ايترو فرمايائون: اي شَخص! تو مون کي مشقت ۾ وجھي ڇڏيو. (اَبُو داؤد، کتاب: ادب، باب: وعدہ، صفحہ:781، حدیث:4996) الله پاڪ اسان کي به سُنّتِ سرڪار


 

 



[1] تاریخ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔