Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

اي عاشقانِ رسول! اهڙو ايمان هجڻ گهرجي..!! الله پاڪ ۽ رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي فرمان کي اکيون بند ڪري مڃڻ گهرجي، تڏهن هدايت ملندي آهي، تڏهن ڪاميابي نصيب ٿيندي آهي. مشهور مفسر قرآن، حڪيم الاُمَّت مُفتي احمديارخان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: الله ۽ رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  تي اعتماد هجڻ ايمان جي حقيقت آهي، شيءِ کي ڏسي ڪري يا ٻڌي ڪري ته هر شخص مڃي وٺندو آهي پر اها شيءِ جيڪا ان کان غائب هجي ۽ عقل ۾ نه اچي، ان کي صرف انهي ڪري مڃڻ ته اها رسول الله  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  فرمائي آهي، هي هن ڳالھ جي دليل آهي ته ان جي دل ۾ اطاعت آهي. وڌيڪ فرمائن ٿا: سچ پڇو ته ايمان جي جان ته هي آهي ته رسولُ الله  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي خبر تي پنهنجي حَوّاس(اک، ڪن ۽ عقل وغيره) کان وڌيڪ اعتماد هجي، جيڪڏهن اسان اکين سان ڏسي رها آهيون ته هن وقت ڏينهن آهي ۽ نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائن ته هن وقت رات آهي ته اسان جي اک ڪوڙي آهي ۽ نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  سچا آهن ڇوته اسان جي اک هزارين ڀيرا غلطي ڪري ويهندي آهي پر ان جو فرمان ڪڏهن به غلط ناهي هوندو.[1] ڪنهن شاعر ڇا خوب چيو آهي:

اگر شاہ رَوْزِ رَا گَوْیَد شَبْ اَسْت اِیْں                                  بَیَایَد گُفَتْ اِیْں کَہْ مَاہ و پَروِیْں

شعر جو مفهوم:  جيڪڏهن بادشاھ ڏينهن جي وقت چئي ته هي رات آهي ته چوڻ گهرجي: جي ها! هي ڏسو! چنڊ تارا نظر اچي رهيا آهن.  

الله پاڪ اسان کي سيده خديجه  رَضِىَ اللهُ عَنْها جو فيضان نصيب فرمائي، اسان کي گهرجي ته پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها جي پاڪيزه سيرت پاڻ به پڙهون ۽ پنهنجي اهل خانه خاص ڪري گهر جي عورتن کي سندن سيرت پڙهڻ جي ترغيب ڏيون. اَلحَمۡدُلله! دعوت


 

 



[1] تفسیر نعیمی،پارہ :1،سورۂ بقرہ،زیرآیت :3،جلد:1صفحہ:128-129ملتقطاً۔