Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

سوالي حاضر ٿيو ۽ ان تحريري درخواست پيش ڪئي. پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه  بغير پڙهڻ جي فرمايو: توهان جي ضرورت پوري ڪئي ويندي. عرض ڪيو ويو: اي نواسهءِ رسول! اوهان ان جي درخواست پڙهي ڪري جواب ڏيو ها. ارشاد فرمايائون: جيستائين مان ان جي درخواست پڙهان ها اهو منهنجي سامهون ذِلّت جي حالت ۾ بيهي ها پوءِ جيڪڏهن الله پاڪ مون کان پڇي ها ته تو سوالي کي ايتري دير ڇو بيهاري ذليل ڪيو؟ ته مان ڇا جواب ڏيان ها؟[1]

وہ حسن مجتبیٰ، سیّد الاسخیا                                                                                                    راکِبِ دوشِ عزت پہ لاکھوں سلام([2])

 مفهوم: حضرت امام حسن مجتبيٰ  رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  جيڪي سخين جا سردار آهن، جيڪي پياري آقا  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ ڪلهن جي سواري ڪندا هئا انهن جي ذاتِ بابرڪت تي به لکين سلام هجن.

 سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڇا شان آهي امام حسن مجتبيٰ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي...!! هن حڪايت مان اسان کي هي ڳالهيون سکڻ جي لاءِ مليون: (1) جيڪڏهن ڪو اسان وٽ مدد جي لاءِ اچي ته ممڪن حد تائين ان جي مدد ڪيو، حديث پاڪ ۾ آهي: جيڪو ڪنهن مسلمان جي دنيا جي هڪ تڪليف پري ڪندو الله پاڪ ان جي قيامت جي هڪ تڪليف پري ڪندو.[3] (2)  اچڻ واري جي عزت نفس جو خيال رکو ۽ ان کي پنهنجي سامهون شرمسار نه ڪيو، اسان جو ته هي ذهن هجڻ گهرجي ته هي سوالي منهنجو محسن آهي جو الله پاڪ ان جي ذريعي مون کي نيڪي ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي، پنهنجي محسن


 

 



[1] احیاء علوم الدین، کتاب ذم البخل...الخ،بیان فضیلۃ السخاء، جلد:3، صفحہ:304۔

[2]...حدائقِ بخشش، صفحہ:309۔

[3] مسلم، کتاب الذکر...الخ، باب فضل الاجتماع...الخ، صفحہ:1039، حدیث:2699۔