Khwaja Huzoor Ki Nirale Shan

Book Name:Khwaja Huzoor Ki Nirale Shan

آهن: (1): گنهگارن جو رستو (2):نيڪ ماڻهن جو رستو، انهن ٻنهي ۾ فرق آهي، هاڻ اسان جي مرضي آهي ته اسان ڪهڙي رستي کي وٺون ٿا، الله پاڪ ته صاف صاف ٻڌائي ڇڏيو گنهگار جي زندگي الڳ آهي، نيڪ ٻانهي جي زندگي الڳ آهي، گنهگار جو موت الڳ آهي، نيڪ ٻانهي جو موت الڳ آهي. *جيڪو وياج کائي ٿو *وياج جي ڏي وٺ ڪري ٿو، سروي ڪري ڏسي وٺو! ان جي زندگي هزارين طرح جي پريشانين ۾ گذرندي آهي * جيڪو حلال ڪمائيندو آهي *  حلال کائيندو آهي، ان وٽ مال توڙي جو گهٽ هجي، جيتوڻيڪ زندگي ۾ سڪون هوندو اٿس، ان جي دعائن ۾ اثر رکيو ويندو آهي * اهڙي طرح هڪ نمازيءَ جي زندگي ۽ بي نمازي جي زندگي ۾ وڏو فرق آهي* فرض روزا رکڻ واري جي زندگي ۾ ۽ فرض روزا قضا ڪرڻ واري جي زندگي ۾ وڏو فرق آهي* اهڙي طرح والدين جي فرمانبردار جي زندگي ۾ ۽ نافرمان جي زندگي ۾ وڏو فرق آهي. بخاري شريف جي ڊگهي حديث پاڪ آهي، ان جو خلاصو هي آهي ته بني اسرائيل جا 3 شخص هڪ غار ۾ ويا، جبل تان پٿر جي هڪ وڏي چپَ ڪري ۽ غار جو منهن بند ٿي ويو، هاڻ انهن ٽنهي دعا ڪئي: (1): هڪ چيو: اي الله پاڪ مان پنهنجي والدين جو فرمانبردار آهيان، منهنجي ان نيڪي جي صدقي هن ڇِپ کي سِرڪاءِ، ڇِپ ٿوري سرڪي وئي. (2): ٻئي دعا ڪئي: اي الله پاڪ! مون وٽ هڪ شخص مزدوري ڪندو هو، مون ان جي مزدوري امانت داري سان پوري پوري ادا ڪئي (ڪا ڏنڊي نه هنئين)، ان نيڪي جي صدقي ڇِپ کي سرڪاءِ، ڇپ ٿوري وڌيڪ سرڪي وئي.
(3): ٽين دعا ڪئي: اي الله پاڪ مون فلاڻي عورت کي قابو ڪري ورتو هو،