Book Name:Khwaja Huzoor Ki Nirale Shan
پوءِ تنهنجي خوف کان مان بدڪاري کان پري رهيس، منهنجي ان نيڪي جي برڪت سان ڇِپ کي اڃان سرڪائي ڇڏ، ڇِپ وڌيڪ سرڪي وئي ۽ اهي ٽئي غار مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ([1])
اها آهي نيڪ ٻانهن جي زندگي، جنهن نيڪي ڪئي هجي، ڪئي ڀيرا اهو به پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي، ان تي مشڪلاتون اچي وينديون آهن پر ان جي نيڪين جي برڪت سان رستا کوليا ويندا آهن، ان لاءِ پريشانين جو حل عطا ڪيو ويندو آهي پر گنهگار ماڻهو پريشانين ۾ پيهِجي ويندو آهي، ايسيتائين جو توبه نه ڪري وٺي. پوءِ آخرت جو معاملو آهي، مرڻ کان پوءِ ته گنهگار ۽ نيڪوڪار جي حالت ۾ وڏو فرق هوندو آهي، رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وڏي مشهور حديث پاڪ آهي: مومن جي قبر جنّت جي باغن مان هڪ باغ ۽ گنهگار جي قبر جهنّم جي کڏن مان کڏ بڻجي ويندي آهي. ([2])
مطلب ته هي ٻئي رستا آهن: هڪ گنهگار جو رستو آهي. ٻيو نيڪي جو رستو آهي. انهن ٻنهي ۾ فرق آهي. اسان کي ڪهڙو رستو اختيار ڪرڻو آهي، اهو اسان غور ڪري وٺون. گنهگارن جي صف ۾ بيهندو ته انجام گنهگارن جهڙو ٿيندو. نيڪن جي صف ۾ اچي ويندو ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دُنيا به سنورجي ويندي ۽ آخرت ۾ به ڪاميابي نصيب ٿي پوندي. هاڻي اهو فيصلو اسان جو آهي. توفيق ڏيڻ واري الله پاڪ جي ذات آهي. الله پاڪ اسان سڀني کي گناهن کان بچڻ ۽ نيڪ رستي تي هلڻ جي توفيق نصيب فرمائي.
آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖنَ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم