Khwaja Huzoor Ki Nirale Shan

Book Name:Khwaja Huzoor Ki Nirale Shan

*هڪ پاسي آهن اهي خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جيڪي سڄي سڄي رات عبادت ڪندا هئا، ايسيتائين جو عشاء جي وضو سان فجر جي نماز پڙهندا هئا، ٻي پاسي اسان جهڙا گنهگار آهن جن جون راتيون غفلت ۾ گذرنديون آهن *هڪ اهي خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه آهن جيڪي عبادت ۾ سُستي کان بچڻ لاءِ تمام گهٽ کائيندا هئا، ايسيتائين جو 7 ڏينهن جي فاقي کان پوءِ ٿوري ماني پاڻيءَ ۾ پُسائي کائيندا هئا، ٻي پاسي اهو ماڻهو آهي جنھن جو پيٽ ڀرجندو ئي ناهي، هر وقت بس کاوان کاوان ڪندو وتندو آهي *هڪ پاسي اهي خواجه حضور آهن، جيڪي سنتن جا پابند ۽ سادگي اپنائڻ وارا آهن، ٻي پاسي اهو ماڻهو آهي جيڪو فيشن جو ديوانو، جائز ۽ ناجائز جو فڪر نه ڪرڻ وارو آهي * هڪ پاسي اهي خواجه حضور آهن جيڪي پاڙيسرين جو وڏو خيال رکڻ وارا آهن، ٻي پاسي اهو ماڻهو آهي جنھن جا پاڙيسري شرارتن کان تنگ آهن.

 ڇا هي ٻئي برابر ٿي سگهن ٿا...؟ گنهگار اهو خيال ڪن ٿا ته انهن ٻنهي کي هڪ جهڙو ڪيو ويندو؟ نه...!! هر گز نه انهن ٻنهي کي هر گز هڪ جهڙو نه ڪيو ويندو.

 هاڻ هتي ذهن ۾ سوال پيدا ٿئي ٿو ته گنهگار ۽ ولي ڪامل ۾ ڇا فرق آهي، ٻئي ڪهڙي لحاظ کان هڪجهڙا ناهن؟ * بظاهر ڏسجي ته ولي جا ٻه 2 هٿ، گنهگار جا به 2 هٿ*ولیُّ اللہ جون ٻه 2 اکيون، گنهگار جون به 2 اکيون *ولیُّ اللہ جا به 2 ڪن، گنهگار جا به 2 ڪن *ولیُّ اللہ به انهي زمين تي رهندا، هلندا، ڦرندا، کائيندا پيئندا آهن. پوءِ جيڪڏهن هنن ٻنهي ۾ فرق آهي ته اهو فرق ڪهڙي معاملي ۾ آهي؟ ڪهڙي لحاظ کان آهي؟ الله پاڪ فرمايو: