Book Name:Ibadat Aur Istianat
آهي؟ الله پاڪ. اهو ئي سڀني کي رزق عطا فرمائي ٿو پر اسان الله پاڪ جي ان رزق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڇا ڪندا آهيون؟ دڪان کوليندا آهيون، ڪاروبار ڪندا آهيون، محنت مزوري ڪندا آهيون، ڇو؟ رازِق ته الله پاڪ آهي، پوءِ اسان دڪان تي ڇو ويندا آهيون؟ يقيناً معمولي عقل رکڻ وارو مسلمان به اهوئي چوندو ته رازِق الله پاڪ ئي آهي، ان رزق عطا فرمائڻ جا اندازَ مختلف رکيا آهن، ڪنهن کي دڪان جي ذريعي رزق ملندو آهي، ڪنهن کي محنت مزوري ڪري ملندو آهي، ڪنهن جو رزق ملازمت ۾ رکيو ويو.
بلڪل اهڙيءَ طرح مدد ڪرڻ واري ذات الله پاڪ جي ئي آهي، باقي الله پاڪ جي مدد حاصل ڪرڻ جا دروازا ۽ ذريعا مختلف آهن. مثال طور * اسان الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيون: مولا! منهنجي مدد فرماءِ. هي الله پاڪ کان مدد گهرڻ جو طريقو آهي * اسان مسجد ۾ اچي وڃون * نماز پڙهون، هي به الله پاڪ کان ئي مدد گهرڻ جو هڪ انداز آهي * راھِ خدا ۾ خرچ ڪيون، هي به الله پاڪ جي مدد حاصل ڪرڻ جو انداز آهي * مصيبت تي صبر ڪيون، هي به الله پاڪ جي مدد حاصل ڪرڻ جو طريقو آهي * اهڙيءَ طرح الله وارن جي دروازي تي هليان وڃون، غوثِ پاڪ، داتا حُضور، خواجهءِ اجمير، اعلٰي حضرت، صحابهءِ ڪرام، خُلفاءِ راشدين، انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام ۽ سڀني کان وڌيڪ هي ته امامُ الانبيا، محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿي وڃون، کين مدد گهرون، هي به الله پاڪ جي ئي مدد حاصل ڪرڻ جو هڪ طريقو آهي.
اولياءِ ڪرام، صحابهءِ ڪرام، اهلِ بيتِ اطهار، انبياءِ ڪرام عَلَيهِمُ السَّلَام الله وارا آهن، الله پاڪ انهن کي مدد جو مظهر بڻايو آهي، لهٰذا يا رسولَ الله مدد، يا علي مدد، يا غوث مدد چوڻ ۾ ڪو حرج ناهي، ڇو؟ ان ڪري ته يارسولَ الله مدد جي معنٰي آهي: اي الله پاڪ جا رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! الله پاڪ اوهان کي پنهنجي مدد جو مظهر بڻايو آهي، الله پاڪ جي عطا سان منهنجي مدد فرمايو! لهٰذا هي