Ibadat Aur Istianat

Book Name:Ibadat Aur Istianat

ٽوپي ۽ خاک جي ڀريل هڪ ٿيلهي کنئين ۽ بلڪل اڪيلو هڪ ويران ٻيٽ (جزيري) جي طرف هليو ويو، اتي وڃي ان شاهي لباس لاٿو، اُوني لباس پاتو، مٿي تي وارن مان بڻيل ٽوپي پاتي ۽ خاک کي زمين تي ٽيڙي ان تي ليٽڻ لڳو ان روئيندي مٿو سجدي ۾ رکي ڪري عرض ڪيو: اي منهنجا خالِق ۽ مالِڪ! مان ڄاڻان ٿو ته تون ئي زمين ۽ آسمان جو مالِڪ آهين پر مون تي بدبختي غالب اچي وئي، مان تنهنجي نافرماني ۽ سرڪشي ۾ حد کان وڌي ويس، اي مالِڪ! مون کي منهنجي قوم ۾ رسوا نه ڪر، بيشڪ تون وڏو ڪرم فرمائڻ وارو آهين.

 فرعون بدبخت جڏهن ائين ربّ رحمٰن ۽ رحيم جي حُضور پنهنجي عاجزي ۽ محتاجي جو اظهار ڪيو ته درياءِ ڪرم جوش ۾ آيو ۽ الله پاڪ درياءِ نيل کي جاري ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.[1]

   غور فرمايو! فرعون جهڙو سرڪش ڪافر جيتوڻيڪ پنهنجي دنياوي ڪوڙي عزّت بچائڻ جي لاءِ ئي سهي، جڏهن الله پاڪ جي حُضور پنهنجي محتاجي ۽ بي وسي جو اظهار ڪري ته الله پاڪ اهڙو ڪرم فرمائيندو آهي، اسان ته پوءِ مسلمان آهيون، ان ربُّ العالمين جي حضور سجدا ڪرڻ وارا، ان جي محبوب ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ڪلمو پڙهڻ وارا آهيون، اسان جڏهن پنهنجي محتاجين جو اقرار ڪنداسين، پنهنجي بيوسي جو تصور ڪري دل جي گهرائي سان مڃينداسين ته مولا! مان محتاج آهيان، تنهنجو ٻانهو آهيان، منهنجي ڪا طاقت ناهي، ڪا قوت ناهي، پوءِ اسان تي ڪهڙيون ڪهڙيون ڪرم نوازيون ٿينديون.

   اها ئي حقيقت آهي ته جنهن جو اظهار ڪندي ٻانهو چوندو آهي:

وَ اِیَّاکَ نَسْتَعِیْنُ ؕ(۴)


 

 



[1] حکایتیں و نصیحتیں، صفحہ:373 بتغیر قلیل۔