Ibadat Aur Istianat

Book Name:Ibadat Aur Istianat

پاڻ ننڍي عُمر جا هئا، والد صاحب جو انتقال ٿي ويو، سندن وراثت ۾ هڪ باغ ۽ هڪ پاڻيءَ واري چَڪي ملي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه باغ جي سار سنڀارَ ڪندا هئا، هڪ ڏينهن باغ ۾ تشريف فرما هئا، ڪنهن نيڪ بزرگ جو اتان گذر ٿيو، خواجه غريب نواز انهن جو ادب ڪيو، کيس باغ ۾ ويهاريو، ادب سان ميوا پيش ڪيا، اهي نيڪ بزرگ خوش ٿيا ۽ انهن مانيءَ جو هڪ ٽڪرو چٻاڙي ڪري خواجه غريب نواز جي وات ۾ وجهي ڇڏيو. بَس هن ٽڪري جي پيٽ ۾ وڃڻ جي دير هئي، خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي دل جي دنيا بدلجي وئي.[1]

   هاڻي ڏسو! دل ۾ دنيا کان بي رغبتي واري، نيڪين جي رغبت واري ايماني ڪيفيت پيدا ٿي ته خواجه غريب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه رڪيا نه، پاڻ ان ايماني ڪيفيت کي وڌايائون، ان جي تقاضا تي عمل ڪيائون * پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه باغ وڪڻي ڇڏيو * پاڻي واري چَڪي به وڪڻي ڇڏي * سمورو مال راھِ خدا ۾ خرچ ڪيو ۽ علمِ دين سکڻ جي لاءِ نڪري ويا * ڪيئي سالن تائين علم سکيو * قرآنِ ڪريم پڙهيو * حديثون پڙهيون * شريعت جو علم سکيو * هاڻي دل جي حالت ۾ ڪافي ترقي ٿي وئي پر خواجه غريب نواز اڃان به نه رڪيا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪامل پير جي ڳولها شروع ڪئي، آخرڪار خواجه عُثمان هَرۡوَني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿيا، بيعت ڪئي، 20 سال ڪامل پير جي خدمت ڪندا رهيا.

   شروع ۾ هڪ ايماني ڪيفيت پيدا ٿي هئي، خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان ڪيفيت کي سنڀاليو، پنهنجي محنت سان، ڪوشش سان ان ايماني ڪيفيت جي تقاضائن تي عمل ڪندا رهيا، ڪندا رهيا ايستائين جو 20 سال ڪامل پير جي خدمت ۾ گذاري ڇڏيائون، آخرڪار خواجه عُثمان هَرۡوَني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هڪ ڏينهن پنهنجي ڪامل مُريد کي گڏ وٺي حج جي لاءِ روانا ٿيا، مڪي پاڪ ۾ ميزابِ رحمت جي هيٺان بيهي ڪري خواجه عُثمان هَرۡوَني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي ڪامل مُريد جي لاءِ دعائون ڪيون، ايستائين جو غيب مان آواز آيو: اي عُثمان! اسان اوهان


 

 



[1] مرآۃ الاسرار،صفحہ:593  ملخصاً۔